حڪومت جي اجازت کانسواءِ فوج جو ڪو به قدم غير آئيني هوندو، ان کي بغاوت سمجهيو ويندو: چيف جسٽس
اسلام آباد : چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت جي هدايت يا اجازت کان سواءِ فوج جو ڪو به قدم غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو ۽ ان جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي. فوج جو ڪو به غير آئيني قدم بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇنڇر ڏينهن سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به ملڪ جو آئين اعليٰ ترين دستاويز هوندو آهي جيڪو رياست جي مختلف ٿنڀن جي اختيارن ۽ جوڙجڪ جي تشريح ڪري ٿو. آئين ملڪ ۾ حڪمراني لاءِ فريم ورڪ ۽ ان جا بنيادي قدر فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته هٿياربند فوجين جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين ۾ هڪ مڪمل باب متعارف ڪرايو ويو جيڪو هٿياربند فوجين جي ڪمانڊ، حلف ۽ سرگرمين لاءِ شقن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 245 ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار ۽ سرگرمين جو تفصيل بيان ڪيو ويو آهي جنهن تحت پاڪستان جي هٿياربند فوج وفاقي حڪومت جي هدايت تي ڪنهن به پرڏيهي اڳرائي يا جنگ جي خطرن خلاف ملڪ جو بچاءُ ڪندي ۽ ضرورت پوڻ تي قانون مطابق سول حڪومت جي مدد ڪندي. فوج ملڪي آئين ۽ قانون جي حفاظت جي پابند آهي، وفاقي حڪومت جي اجازت بنا ڪنهن به اداري ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته آئين تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري سپريم ڪورٽ کي سونپي وئي آهي جنهن پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پنهنجن فيصلن ۾ قانون ۽ آئين تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ان موقعي تي هن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن بنام وفاق پاڪستان جي مشهور ڪيس ۾ تازي فيصلي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان فيصلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هٿياربند فوج جي سرگرمين جي وضاحت ڪئي وئي آهي ته وفاقي حڪومت جي هدايت کان سواءِ هٿياربند فوج جي ڪارروائي غير قانوني ۽ غير آئيني هوندي ۽ ان جي ڪا قانوني حيثيت نه هوندي ۽ آئين جي خلاف ورزي تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو، ان فيصلي ۾ عدالت اعليٰ عدالتن جي ججن لاءِ هڪ نئين ضابطه اخلاق جي شق شامل ڪئي آهي جنهن ۾ انهن کي آئين خلاف نئون حلف کڻڻ کان منع ڪئي وئي آهي. ڇيف جسٽس چيو ته ان فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته ڪنهن به اٿارٽي طرفان اختيارن جو استعمال جنهن جو آئين ۾ ذڪر نه هجي غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو ۽ سپريم ڪورٽ سميت ڪا به عدالت ان کي نه مڃيندي. قوم جي قسمت سنوارڻ ڪنهن هڪ شخص يا هڪ اداري جي وس جي ڳالهه ناهي، سمورا ملڪي ادارا ئي اجتماعي ڪوششن سان ملڪ کي منزل مقصود تائين وٺي وڃي سگهن ٿا، فوج جو هر فرد حلف جي پاسداري ڪرڻ جو پابند آهي، جنهن تحت هو ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، فوج جو ڪو به غير آئيني قدم بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو، آئين پائمال ڪندڙ ۾انهيءَ ۾ سهڪار ڪندڙ تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو، ادارا پنهنجي حدن ۾ ڪم ڪن ته ملڪ ۾ استحڪام پيدا ٿيندو، آئين ڪنهن به هڪ اداري کي مداخلت جي اجازت هرگز نٿو ڏي، ادارن ۾ هم آهنگي ملڪي ترقي جي ضامن آهي جج ٻنهي ضابطه اخلاق ۾ ترميم ڪري چڪا آهن، آئينده ڪو به جج پي سي او تحت حلف نه کڻندو. چيف جسٽس پنهنجي خطاب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن جي جوڙجڪ، تنظيم ۽ سرگرمين تي روشني پڻ وڌي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ