اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل ٺهراءَ جي باوجود ڊرون حملن حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ پارليامينٽ کي عملي طور رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي سنڌ
جيڪب آباد : جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سڪريٽري مجاهد چنا چيو آهي ته اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل ٺهراءَ جي باوجود ڊرون حملن حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ پارليامينٽ کي عملي طور رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.جنهن حڪومت ۾ پنهنجي پارٽي جا ايم اين اي به حڪومتي نااهلي ۽ غلط پاليسين خلاف سراپا احتجاج بڻيل هجن اها سرڪار عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪري ٿي سگهي.ايئر چيف جو دبئي ۾خطاب ناڪامي جو اعتراف ۽ پرائي ويڙهه ۾ پنهنجي ملڪ کي جنگ جو ميدان بڻائڻ واري پاليسي خلاف جماعت اسلامي جي ان موقف کي درست ثابت ڪيو آهي ته طاقت ڪنهن به مسئلي جو حل ڪو نه آهي.سياسي ۽ عسڪري قيادت آمريڪي ڊڪٽيشن تي عمل ڪرڻ بجاءِ اي پي سي جي ٺهراءَ موجب قبائلين سان ڳالهين لاءِ پيش رفت ڪري اخلاقي جرات جو مظاهرو ڪري.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ جيڪب آباد ۾ صحافين سان ڳالهين دوران ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پسند ديده ملڪ قرار ڏيڻ شهيدن جي رت سان غداري آهي.امن هر انسان جي خواهش هوندي آهي.پر ڀارت پاڪستان سان ٽي جنگيون،بلوچستان ۾ مداخلت ۽ ڪشمير جي پاڻيءَ تي ڊيم اڏي پاڪستان جي زراعت کي نقصان ۽ معاشي طور تباهه ڪرڻ چاهي ٿو.اهڙي ملڪ کي پسند ديده ۽ ڪاروبار جون ڳالهيون نظريه پاڪستان کي دفن ڪرڻ برابر آهن.جماعت اسلامي نظريه پاڪستان جي حفاظت،ثقافتي دهشتگردي ۽ ڀارت کي پسنديده قرار ڏيڻ خلاف جمعه 18 نومبر تي ملڪ گير احتجاج جو ڏهاڙو ملهائيندي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جي پيش نظر ۽ ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ تمام ديني جماعتن جو اتحاد وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.