ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
خيرپور: ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا (اپنا) پاران ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ آمريڪا جيJFK ميڊيڪل يونيورسٽي جي پين مئنيجمينٽ شعبي جي پروگرام ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري (ايم ڊي) جي اڳواڻي ۾ ٻين ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ مختلف برسات متاثر مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي پُروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري ٻُڌايو ته اپنا پاران صوبي اندر مختلف ضلعن ۾ برسات متاثر ماڻهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن هن ٻُڌايو ته 6 آڪٽوبر تي بدين، 31 آڪٽوبر تي ٺري ميرواهه، پهرين نومبر تي رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ تعلقه فيض گنج ۾ طبي ڪئپمون لڳايون ويون جنهن ۾ هتان جي ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي پاران ڀرپور سهڪار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن جي وفد مختلف علائقن کان آيل مريضن کي چڪاسيو ۽ مريضن کي مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. جڏهن ته اپنا پاران لڳايل مفت طبي ڪئمپ جو ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، سول سرجن اعجاز گاجاڻي ، وڏي وزير جي ڊپٽي سيڪريٽري اسٽاف عمران علي جعفري ۽ ٻين دورو ڪيو ۽ آمريڪا جي اپنا ايسوسيئشن پاران مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ تي نيوجرسي آمريڪا جي پروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري جاٿورا مڃيا.