ڄامشورو

پاڪستان هلا احمر طرفان مڪلي تي تقريب منعقد ڪئي ويئي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ ) پاڪستان هلا احمر طرفان مڪلي تي تقريب منعقد. پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي طرفان مڪلي پريس ڪلب ۾ متاثرين جي سهائتا جي سلسلي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي تقريب ۾ قمبل، مڇردانيون ۽ رد بچاءُ لاءِ سامان ورهايو ويو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ چيو ته پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي وڌ کان وڌ ڪوشش آهي ته متاثرين جي سهائتا ڪريون، هن چيو ته پاڪستان هلال احمر ضلعي ٺٽي ۾ پڻ صحت جي حوالي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تحت اسان جون موبائيل هيلٿ يونٽ ٽيمن پاران ضلعي جي اڪثر متاثر علائقن ۾ وڃي مفت صحت جون سهوليون فراهم ڪيون پيون ، ۽ ضلعي جي متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close