ٺٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي بس ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 23 مسافر اجل جو شڪار، 20 کان وڌيڪ زخمي
ٺٽو:(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽي ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب وين ۾ سوار سمون مسافرن سميت 23 مسافر فوت ٿي ويا، وين مڪمل طور تباهه ٿي وئي، سومر واري رات مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ برڪي غارم ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي وايا ٺٽو کان درگاهه شاهه يقيق ويندڙ مسافر بس الحفيظ سروس ۽ بدين وايا ٺٽي کان قائد آباد ڪراچي ويندڙ مسافر وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب مسافر وين مڪمل تباهه ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، ان ۾ سوار سمورا 22 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته بس ۾ سوار هڪ مسافر جي فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 23 ٿي ويو آهي، فوت ٿي ويلن ۾ بدين جو رهاڪو وشو ڪولهي، غلام محمد گاڏهي، عبدالغفار پٽ عبدالستار ، پريم چند، امداد علي ڀنڀرو، اڪبر رند ۽ عبدالحفيظ کهڙو، مراد ڀنڀرو، مير محمد، فوجي عبدالغفار، ولي محمد لنڊ ۽ ڏيپلو واسي شامل آهن، جڏهن ته رات هجڻ ۽ انتظاميه پاران ڪي به جوڳا اپاءُ نه هجڻ ۽ لاشن جا عضوا غائب هجڻ سبب اڪثر لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جڏهن ته وين ۾ فوت ٿي ويل مسافرن جي لاشن کي وين جي ملبي مان ٽوڙي ڪڍيو ويو. ٻئي طرف بس ۾ سوار مسافرن، حسن شاهه، غفور جيوت ڪولهي، سرور، اسماعيل نوناري، حميد عمراڻي، اعجاز درس، آچار جوکيو ۽ هڪ عورت سوڌو 20 کان مٿي مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن ئي زخمين کي نازڪ حالتن ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو، ٻئي طرف حادثي جو ٻڌندي سوين ماڻهو مڪلي اسپتال پهچي ويا ۽ هر طرف سوڳ وارو ماحول هو، اڪثر فوتين جي عضون جي ڪٽجي وڃڻ ڪري ڪيترن ئي فوتين جون ڄنگهون پڻ غائب هيون، فوتين ۾ اڪثر مسافرن جو تعلق بدين ضلعي سان ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته بس ۽ وين وچ ۾ پيش آيل حادثي وارو هنڌ مڪلي سول اسپتال کان 15 منٽن تي هجڻ باوجود انتظاميه جي لاپرواهي ڪري فوتين جي لاشن جي آمد جو اسپتال ۾ 2 ڪلاڪن تائين سلسلو جاري رهيو، ۽ بروقت ايمبولينس جي کوٽ توڙي اسپتال ۾ انتظامن جي مڪمل نه هجڻ لاشن پهچائڻ توڙي انهن جي سڃاڻپ ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، حادثي واري هنڌ تي فوتين جي عضون نه ملڻ ڪري انتهائي ڏک وارو ماحول هيو، ٻئي طرف اسپتال ۾ لاشن کي رڪشائن، ڊاٽسن، شهزور، سوزڪين وسيلي آندو ويو، جڏهن ته اطلاع ملندي قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيراز، متحده ايم پي اي هير سوهو ۽ پ پ جي ڪارڪنن اسپتال پهچي ڪارروائي ۾ حصو ورتو. ٻئي طرف سول اسپتال ٺٽي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جڏهن ته جسقم چيئرمين بشير قريشي، سنڌ يونٽي فورم جي علي حسن چانڊيو، رخسانه شاهه، عبدالواحد سومرو، حمير علواڻي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو.