ٺٽو

ٺٽي ويجهو ڦورن ھٿان نوجوان جي قتل ، وارثن جو احتجاج

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ويجهو ڦر دوران نوجوان جي قتل ، وارثن جو لاش رکي احتجاج بدين ڪراچي قومي شاهراهه بلاڪ ،ٽريفڪ معطل،سجاول ڀرسان ٻيلو شهر ۾ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي مراد سوهو کان موٽرسائڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن مراد سوهو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي کان پوءِ فوتي جي وارثن بدين ڪراچي قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي 3 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ٺٽو پوليس امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، عوام کي ڪو به تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي جنهن سبب ماڻهو راتيون جاڳي گذارين ٿا، جڏهن اطلاع ملڻ تي اڳوڻو ضلعي ناظم ٺٽو سيد شفقت حسين شاهه شيرازي ۽ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي موقعي تي پهچي ويا ۽ ۽ ڳوٺاڻن پاران پوليس انتظاميا سان ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو ويو.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close