هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي: محبوب علي سهتو
سکر (بيورو رپورٽ)نساسڪ جي نااهليءَ ڪري شهري پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن مگر ناتجربيڪار آفيسر عوام کي رليف ڏيڻ بدران فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سکر ڊويزين جي ڪنوينر محبوب علي سهتو ڊويزن آفيس ۾ مائيڪرو ويو ڪالوني، نيوپنڊ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران گفتگو ڪندي ڪيو. هن چيو ته هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي. جنهن لاءِ نساسڪ پاران وڏا وڏا دعويٰ ڪيا ويا هئا ته پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪندي مگر ان لاءِ انهن ڪو به انتظام نه ڪري سگهي آهي ۽ هن سال به سکر جا شهري ساڳئي تڪليف ۾ آهن. مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي ميسر ناهي شهر اندر صفائي نظر نه پئي اچي. نساسڪ جي نااهل آفيسرن ۽ سفارشي ماڻهن صرف دعوائن تي گذارو ڪري رهيا آهن. جيڪو قابل مذمت عمل آهي. هن چيو ته نساسڪ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ۽ شهرين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ زباني خرچ کانسواءِ عملي قدم به کڻي ته جيئن شهرين کي پاڻي مهيا ٿي سگهي.