ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيو پيون وڃن: ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو
ٺٽو: صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري پاران مقرر ڪيل ٽاسڪ فورس ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي تي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيو پيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ٻارڙن کي معذوري کان بچائي سگھجي. اها ڳالهه هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ پوليو جي خاتمي بابت سڏايل نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي هڪ اعلٰي سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير اعظم جي پوليو بابت صلاحڪار ايم اين اي شهناز وزير علي، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، صوبائي وزير جيلز صادق علي ميمڻ، ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ايم پي اي حاجي محمد عثمان جلباڻي، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن آدم ابراهيم، الياس دُري، جميل يوسف، رياض بٽ، يونيسيف ۽ پي پي ايڇ آئي جي نمائندن، ضلعي جي اي ڊي اوز کان علاوه مختلف کاتن جي اعلٰي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڊي سي او ٺٽو کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران ويڪسين، عملي ۽ ٻين گھربل شين جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي ۽ پوليو جي حوالي سان فيلڊ ۾ ڪهڙيون تڪليفون در پيش آهن ۽ ڪهڙيون گھرجون ۽ ضرورتون آهن ان حوالي سان هفتي اندر رپورٽ ٺاهي کيس موڪلي وڃي ته جيئن انهن گھرجن ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، هن چيو ته فيميل ٽيچرز کي پڻ ٽريننگ ڏئي ضلعي جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ پوليو جي ٽيمن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ضلعي مان پوليو جو مڪمل خاتمو آڻي سگھجي. هن ڊي سي ٺٽو کي اها پڻ هدايت ڪئي ته ضلعي جي معززين سان يو سي ليول تي گڏجاڻيون ڪري هر يونين ڪائونسل جي حد مقرر ڪئي وڃي ۽ عملي کي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ موڪليو وڃي ۽ هر يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ عملي کي پڻ هن مهم ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هُن هن نيڪ ڪم ۾ چونڊيل نمائندن سان گڏو گڏ سول سوسائٽي کي پڻ اڳيان اچڻ جي اپيل ڪئي ۽ ضلعي جي سرڪاري کاتن جي عملدار کي پڻ هدايت ڪئي ته هو سچائي ۽ محنت سان ڪم ڪن ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي صحت جي عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ضلعي جي چونڊيل نمائندن گڏجاڻي کي قومي پوليو مهم ۾ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته پوليو جي حوالي سان عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ميڊيا خاص طور تي ايف ايم ريڊيو تي مهم بابت ڄاڻ ڏني وڃي ۽ ان ڏس ۾ پرائمري اسڪولن کان وٺي ڪاليجن ۽ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪرايا وڃن. ان موقعي تي هن يونين ڪائونسل علي بحر ۽ يونين ڪائونسل سجاول جي فوڪل پرسن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊي سي او ٺٽو کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ ڄاڻايل يونين ڪائونسلن جي نگراني ڪري ۽ انهن يونين ڪائونسلن ۾ وڌيڪ ڪم کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي سفارش کي قبول نه ڪيو وڃي ۽ بغير ڪنهن سياسي سفارش جي محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو وڃي هي اسان جي ٻارڙن جي زندگين جو سوال آهي ۽ ڪنهن کي به ڪنهن جي مسعقبل سان کيڏڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي. هن تعلقه ليول تي مقرر فوڪل پرسنز کي هدايت ڪئي ته جيڪي به ويڪسين مدي خارج آهن اهي واپس ڪيون وڃن ۽ ته جيئن انهن کي نيون ويڪسين مهيا ڪيون وڃن. ان کان اڳ اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ظهور ميمڻ گڏجاڻي کي پوليو جي حوالي سان بريف ڪيو.