غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران جيڪب آباد کان 2 ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ٽئين ڏينهن به روڊن تي اچي ويا
سکر (بيورو رپورٽ) غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران جيڪب آباد کان 2 ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ٽئين ڏينهن به روڊن تي اچي ويا، اسٽيڊيم چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ڊاڪٽرن پاران اسپتالن ۾ او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽرن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسپتال ايندڙ سوين مريضن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ سول اسپتال سکر جي ٻن ڊاڪٽرن جي اغوا جي خلاف ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا ملازم ٽئين ڏينهن به روڊن تي نڪري آيا ۽ اسٽيڊيم چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو شهر جي مختلف شاهران کان گشت ڪندو ميناره روڊ تي احتجاجي مظاهري ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مطالبا انهن جي حق ۾ تحرير ٿيل هئا، مظاهري ۾ شامل ڊاڪٽر اڳواڻ صحافين کي ٻڌايو ته جيڪب آباد کان سول اسپتال سکر جا ٻه ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ۽ ڊاڪٽر امتياز وڳڻ کي نامعلوم ماڻهن پاران گاڏيءَ سميت اغوا ڪري ورتو آهي، پوليس ڊاڪٽرن جي بازيابيءَ لاءِ قدم نه کڻي رهي آهي، جنهن جي ڪري اسان احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي، پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن کي جلد بازياب ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، مظاهرو ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر جلد کان جلد ڊاڪٽرن کي بازياب نه ڪيو ويو ته ڊاڪٽرن جي بازيابيءَ تائين ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي ڊاڪٽرن پاران اسپتالن جي او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽرن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن ڪري ٻاهرين شهرن کان ايندڙ سوين مريضن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. جڏهن ته مريضن جو چوڻ هيو ته ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي ۽ آپريشن ٿيٽرن جو بائيڪاٽ درست قدم نه آهي جنهن ڪري مريضن کي پريشاني ٿي آهي.