مختصر خبرون

صحت ۽ ذائقا، خوراڪ بابت دنيا جون ڇرڪائيندڙ حقيقتون

مقصوديٰ سولنگي
دنيا جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ماڻهن جي عام زندگي ۾ اهڙي تباهي آئي هجي؛ جيڪا ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سرمائيدارن هن دئور ۾ آندي آهي.هڪ اندازي موجب دنيا جي ڪل دولت جو هڪ تمام وڏو حصو دنيا جي آنگرين تي ڳڻنجدڙ تمام ٿورن ماڻهن جي بينڪ بيلنس ۾ پيل آهن، جيڪي يا ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مالڪ آهن يا سائينس جي ميدان جا.اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته،دنيا ۾ امير ترين ۽غريب ترين ملڪن جي ملڪيتن جي فرق جو تناسب وڌندوٿو رهي ٿو. هن وقت اهو بلڪل ايئن آهي جيئن گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ڪمائين ۽ هڪ ماڻهو ڏنڊي جي زور تي اهي سڀ پئسا پاڻ وٽ رکي ڇڏي پوءِٻيا ڀاتي بک وگهي مرن يا بچن……
جيئن آفريڪا جا ماڻهو هڪ معدنياتي شاهوڪار ملڪ جا فرد ۽ شهري هوندي به دنيا جي بد ترين بک جو شڪار آهن.گڏيل قومن جي عالمي اداري جي پروگرام ايف اي او موجب دنيا جي جيتري آبادي بک وگهي مري رهي آهي ايتري ئي آبادي وزن جي واڌاري جي ڪري انيڪ بيمارين جو شڪار آهي. ان جو مطلب ته جيڪي ماڻهو گهڻو کائين ٿا اهي جيڪڏهن پنهنجي بک کان وڌيڪ نه کائين ته هوند بک وگهي پاه ٿي مرندڙ ماڻهن جوانگ اڌ کان به وڌيڪ گهٽجي وڃي. دنيا ۾ عرب ملڪن جي خوراڪ جو اڌ کان مٿي هصو ضاييع ڪيو وڃي ٿhungerو؛ جيڪڏهن اهو ضايع ٿيندڙ حصو غريب ملڪن ۾ زيان جي حساب سان ورهايو وڃي ته دنيا مان بک وگهي مرندڙن جو تعداد اڌ به نه بچي. هر شئي جي قيمت هجي ٿي. جيڪڏهن ڪو گهڻو کائي ٿو ته ان کي به قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ٿوله جو وڏو سبب گهڻُو ۽ بي قائدو کائڻ ۽ گهت مشقت ڪرڻ آهي. فطرتن ضروري آهي ته ماڻهو پنهنجي هڏ ڪاٺ، وت کان مٿي کائي ٿو ته توازن ۾ هڪ باگاڙ پيدا ٿي پوي ٿو.ان ڪري هو ڪئي ڪلو گرام وزن پنهنجي بت تي کنيو وتي ٿو. مثال طور،جيڪڏهن ڪنهن عورت جو قد 4.5 فوٽ آهي ته ان جو وزن 45کان 55 ڪلوگرام وڌ ۾ وڌ هجڻ گهرجي پر جيڪڌهن ايتري قد واري عورت جو وزن 55 کان مٿي آهي ته ان ڪان وڌيڪ وزن جو مطلب آهي ته اها عورت پاڻ سان وڌيڪ وزن جيتريون وزني سرون پنهنجي ڪلهن تي کنيوٿو/ٿي وتي. هاڻي اهو ڪٿي به هجي زندگيءَ جا ڪهڙا به ڪم ڪندو وتي اهي سرون پاڻ سان کنيون ٿو وتي.اهو بار تڏهن ئي هلڪو ٿي سگهي ٿو جڏهن ان جو ڪفارو ادا ڪري. ان ڪفارو ادا ايئن ٿيندو جو هو وڌيڪ ڪم ڪري يعني ورزش يا مشقت ڪري يا ايڪسرسائيز ڪري. ان سان گڌوگڌ تمام گهٽ کائڻ شروع ڪري.ايتري قدر جو گاه يعني سوا پن، سايون ڀاڄون ۽ فروٽ کائي.اٽي جي ڇاڻ جي ٺهيل ماني کائي. ڪير يقن ڪري يا نه پر دنيا جي غربت هڪ عام گهر جي دفترخوان جي ضابطن ۽ اخلاق جي قائم ڪرڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي. دفترخوان جي آدابن سان دنيا جا ڏک گهٽ ڪري سگهجن ٿا۽ پاڻ به بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.اهو ان ڪري جوڪنهن ڌاهي جو قول آهي ته هر سائنس جو بنياد سماجي سائنس آهي، ان سماجي سائنس جي اهم شاخ علم عمرانيات يا شهريت آهي. ان موجب هر انسان جا حق ٻين انسانن وٽ فرض بڻجي وڃن ٿا ۽ هر فرض ادا ڪرڻ ٻئي انسان جو حق آهي. (جاري آهي ….)
ايندڙ قسط ۾
1
ماني کائڻ جا آداب
2
صحتمند زندگي ۾ سادي خوراڪ جي اهميت

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button