سکر

سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن.: ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ

PTI Tehreek Insaf Imran Khan Dharnaسکر (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جي صدر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو آهي ته سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سوين ماڻهو پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪري عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان مان ثابت ٿي چڪو آهي. ته سکر تحريڪ انصاف جو شهر آهي. ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ شهر جي مختلف علائقن نيوپنڊ، شاهه خالد ڪالوني، فريئر روڊ، ريس ڪورس روڊ، پراڻو سکر، نئون ڳوٺ کان آيل ماڻهن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف سکر جي عهديدارن محفوظ اختر سيد عبدالرب هاشمي ۽ عرفان احمد مغل به موجود هئا. پارٽيءَ ۾ شموليت ڪندڙن ۾ علي خان سومرو، محمد نعيم، منظور احمد پيرزادو ۽ ٻيا شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button