سکر

سنڌ ۾ حڪومت جهڙي ڪا شيءِ نظر ڪو نه ٿي اچي. قاتلن، ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي

Mumtaz bhuttoسکر (بيورو رپورٽ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو هڪ بيان ۾ چڪ ۾ ٽن هندن ڊاڪٽرن جي قتل تي سخت افسوس ۽ رنج جو اظهار ڪندي واقعي جو بيڪار ۽ ڪرپٽ حڪومت کي ذميوار بڻايو آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ حڪومت جهڙي ڪا شيءِ نظر ڪو نه ٿي اچي. قاتلن، ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ جيئن وڻين ٿو تيئن ڪن ٿا، ڇو جو انهن کي روڪڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ پوليس عام شهريءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران ان جي لاءِ ڏوهارين کان به وڌيڪ عذاب بڻيل آهي ڇو جو ڏوهاري اغوا جي واقعن ۾ ننگن جي بي حرمتي ڪو نه ٿا ڪن پر پوليس گهرن ۾ گهري عورتن جا ٽولن جا ٽولا کڻي گم ڪري ٿي ڇڏي ۽ انهن کي روڪڻ وارو ڪو ئي ڪونهي، هر هڪ پوليس آفيسر تي ڀرتي کان وٺي مٿين سطح جو آفيسر بڻجڻ تائين ڏوهارين کي پڪڙڻ جي تربيت ٿي ملي ۽ ڪروڙين روپيه خرچ ٿا ٿين جنهن جي ڪري هنن کي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ڏوهاري جو پيشو ڪري صرف ان تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو اختيار ڪو نهي پر هت حڪمرانن، انهن جي نوڪري، وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي قدم بوسي ڪندڙ پوليس آفيسر رڳو گهرن ۾ گهري ننگ يرغمال ڪري ڏوهارين کان به وڏو جرم ڪري رهيا آهن جنهن جو ڪورٽن کي سختيءَ سان نوٽي وٺڻ کپي ۽ ننگن ۾ هٿ وجهڻ وارن پوليس آفيسرن کي نه صرف نوڪرين مان ڪڍيو وڃي پر فوجداري قانون هيٺ سخت ڪارروائي ڪري هر هڪ شري جي عزت ۽ غيرت جو تحفظ ڪرڻ کپي، ٻي صورت ۾ پوليس جي اهڙي وحشياڻي طريقيڪار تي سنڌ نيشنل فرنٽ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button