خيرپور ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو: ڊي سي خيرپور
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي آفيس ۾ ضلعي آبادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي آبادگارن کي زرعي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جنهن ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته زرعي ٻج ۽ زرعي ڀاڻ جي زخيرا اندوزي ڪندڙ دوڪاندارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا جڏهن ته ڊي سي محمد عباس بلوچ لڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرس، اي ڊي او ايگريڪلچر ۽ زراعت کاتي جي ٻين آفيسرن کي زخيره اندوزي ڪندڙن دوڪاندارن تي اوچتو ڇاپا هڻي ۽ سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ضلعي آبادگار ڪاميٽي جي ميمبرن غلام قاسم جسڪاڻي، لعل بخش منگي ۽ ٻين ڊي سي خيرپور کي ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي آبادگارن کي مختلف سهولتن جي فراهمي لاءِ مشورا ڏنا. جڏهن گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور آگاهي ڏني تي جلد خيرپور ضلعي جي آبادگارن جي زراعت جي صوبائي سيڪريٽري آغاجان اختر سان هڪ گڏجاڻي ڪري تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي ته جيئن ضلعي جي برسات متاثر علائقن کي وڌ ۾ وڌ زرعي سهولتون ملي سگهن. گڏجاڻي ۾ آبادگارن، ايڊيشنل ڊي سي ٽو ، اي ڊي او ايگريڪلچر خيرپور، اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل علمدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته گڏجاڻي دوران ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ صوبائي سيڪريٽري زراعت کي گڏجاڻي متعلق فون آگاهي ڏني ۽ ضلعي جي برسات متاثرن آبادگارن کي زرعي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ گُذارش ڪئي.