سکر

2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي: تاجر

سکر (بيورو رپورٽ) مرڪزي جمعيت علماءِ پاڪستان ضلع سکر ۽ انجمن تاجران شڪارپور روڊ جي صدر حاجي محمد انور وارثي چيو آهي ته هفتي ۾ 2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي، حڪومت پاران 2 موڪلون ڪرڻ سبب قومي معيشيت، صنعت ۽ تجارت ۽ ڪاروباري زندگي بدحاليءَ بعد بلڪل تباهه ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جون موڪلون ڪري عوام کي معاشي مشڪلاتن،مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ کي وڌايو ويو آهي، جنهن تي سڄي قوم کي گهري تشويش آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجر سيڪريٽريٽ شڪارپور روڊ تي تاجرن، دڪاندارن سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن چيو ته توانائيءَ جي بچت جو بهانو ۽ سياري جي موسم ۾ 2 موڪلون حڪومت ۽ بيورو ڪريسيءَ جي مفاد پرست پاليسيءَ جو نتيجو آهي، حڪومت ان غير مقبول ۽ بي وقت فيصلي کي ملڪ جي چئني صوبائي حڪومتن رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جمعي جي ڏينهن تي تجارتي مرڪز ۽ صنعتون بند هونديون آهن، ڇنڇر ۽ آچر تي بينڪ بند هجڻ ڪري 3 ڏينهن لاءِ ڪاروباري سرگرميون شديد متاثر ٿي رهيون آهن، جنهن جا منفي اثر پئجي رهيا آهن، معيشيت، تجارت ۽ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٽيڪس گوشوارن ۾ شامل اضافي ۽ غير ضروري شقن کي به فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ته جيئن تاجر معمول مطابق ٽيڪس گوشوارا داخل ڪرائي سگهن. هن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته 2 موڪلن جي خاتمي جو فوري اعلان ڪري قومي معيشت کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button