ھنڱورجا

ھڪ ٻارڙي جنھن اسڪول ۾ نه ٿو ويھاريو وڃي

Kid studying Sindhهي تصوير هڪ معصوم نياڻي جي آهي جيڪا صبح سوير گهر مان نڪري پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نڪري اسڪول طرف اچي ٿي شايد اسڪول انتظاميه طرفان اسڪول ۾ نه ويهارڻ تان هڪ گهٽي ۾ ڪتاب ۽ قلم کڻي پڙهي رهي آهي. سوال اهو آهي ته شهر ۾ وڏي تعداد ۾ نجي اسڪول ۽ گورنمنٽ اسڪول آهن. نجي اسڪول توڙي گورنمنٽ اسڪول جو مقصد هوندو آهي ته تعليم کي عام ڪيو وڃي، هي تصوير حڪمرانن ۽ سماج سڌارڪن کان سوال ٿي ڪري ته توهان جي اکين تي پٽي ٻڌل ڇو آهي جو هي معصوم نياڻي گهٽي ۾ ڪتاب کولي پڙهي رهي آهي. ڦوٽو ۽ سٽون: هادي بخش خاصخيلي هنڱورجا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button