گو زرداري گو ريلي سان حڪومت جي ايوانن ۾ حل چل مچي وئي آهي: پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر
سکر (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف جي اپيل تي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به هڪ عظيم الشان احتجاجي گو زرداري گو ريلي مسلم ليگ ن سکر سٽيءَ جي صدر يونس راجپوت ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عظيم عباسي پاران ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلعي نائب صدر ناصر لطيف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عاشق علي عباسي ڪئي، ريليءَ ۾ تعلقه 2 جي صدر الهداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري خورشيد ميراڻي، روهڙي جي صدر فضل قادر، يامين عباسي، ڪاشف عباسي کان علاوه وڏي تعداد ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ريليءَ ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر هئا، ريلي مسلم ليگ سيڪريٽريٽ ريس ڪورس روڊ کان گهنٽه گهر چوڪ تائين ڪڍي وئي، ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گو زرداري گو ريلي سان حڪومت جي ايوانن ۾ حل چل مچي وئي آهي تحريڪ عوام جي آواز آهي حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري ملڪ خطري ۾ پئجي ويو آهي. غريب عوام پارليامينٽ جي اڳيان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، غريب عوام جي خدمت ۽ جمهوريت جي دعويدار حڪومت ملڪ ۽ قوم کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مسلم ليگ ن تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ڪري گو زرداري گو تحريڪ عوام جي مسئلن ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هلائي وئي آهي، حڪمران عوام کي ڌوڪي ۾ رکي آمريڪي غلاميءَ ۾ حڪمران اڳتي نڪري چڪا آهن، جيڪي ملڪ سان غداريءَ جي مرتڪب آهن. مسلم ليگ ن جي تحريڪ حڪومت جي خاتمي لاءِ آخري ڪو ڪو ثابت ٿيندي.