اسلام آباد

گو زرداري گو جا نعرا ھڻندڙ پارٽيون سياسي تنھائي جو شڪار آھن: فردوس عاشق اعواڻ

infomin mediamensukkurairportسکر (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غير جمهوري قوتون گو زرداري گو جا نعرا هڻي رهيون آهن ۽ اهي سياسي تنهائيءَ جو شڪار آهن، هي وقت سياست جو نه آهي. هن نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جي وصال سان پاڪستاني سياست جو هڪ معتبر باب بند ٿي ويو آهي، هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ بادشاهي ڪرڻ وارا پنهنجي مفادن کي جمهوريت چوندا آهن جڏهن اهي حڪومت ۾ نه هوندا آهن ته جمهوري حڪومت کي تسليم ئي نه ڪندا آهن، پاڪستان ڀٽو خاندان جو قرضي آهي، تاريخ گواه آهي ته جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button