ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي
شڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ۽ 6 عورتن سميت 15 مسافر شديد زخمي ، تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر وين ڪرن شريف وٽ اسڪول کان ايندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلڻي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ٿئي ويا جن ۾ 40 سالا عبدالبصير ، 35 سالا مختيار منگي ۽ 7 سالن جو معصوم عبدالباقي اوڍو آهن جڏهن ته زخمين ۾ نصرالله ، سڪندر بروهي ، رياض حسين ، حبيب الله جتوئي ، توصيف احمد اوڍو ، حسين احمد بروهي ، مولا بخش ، ڪرم الله گولو ، مسمات خالده منگي ، مسمات جميلان ، مسمات جبائي بروهي ، مسمات خيئر بيبي معصوم ٻارن ۾ 2 سالا محمد قاسم ۽ 5 سالا ابراهيم قريشي شامل آهن رستي کان گذرندڙ راهگيرن ۽ ايڌهي وارن مسافرن کي سول اسپتال پهچايو جڏهن ته سول اسپتال شڪارپور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جتي زخمي عورتن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ سيريز مريضن کي سول اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جڏهن ته ڪرن شريف ۽ لکي در ٿاڻي جي پوليس اڌ ڪلاڪ دير سان پهچي ڪري اتي بيٺل ماڻهن کان مواد وٺڻ لڳي ۽ سول اسپتال ۾ بيٺل ماڻهن کي هٽائي ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو
جڏهن ته سڄي شهر ۾ سوڳ واري صورتحال طاري ٿئي وئي آهي .