ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي: کپي آل پاڪستان مسلم ليگ
سکر (بيورو رپورٽ)ڪرنل قذافي جي انجام سان پاڪستان جي حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي آل پاڪستان مسلم ليگ سکر ريجن جو اجلاس ريجنل زونل آرگنائيزر سيد سردار علي شاه جيلاني ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ لائيرز ونگ جي صدر عبدالوحيد عرشي ايڊووڪيٽ، حاجي عبدالرحمان سمون، عبدالستار شيخ، سهيل صادق ۽ ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪيو ويو، بجلي، گئس، پئٽرول، کنڊ، اٽي سميت هر شيءِ مهانگي ڪري عوام کي غيض ۽ غضب جي حڪمران دعوت ڏئي رهيا آهن، جنهن تي ڪيتريون ئي مثالون سامهون اچي چڪيون آهن، سڄي ملڪ جو عوام لوڊشيڊنگ خلاف روڊن تي اچي چڪا آهن، ادارا تباهه ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي حڪمران ۽ نام نهاد اپوزيشن نورا ڪشتي ڪري ٻيهر هن ملڪ ۾ پنهنجي ناڪام حڪومتن تي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا، عوام زرداريءَ جي حڪومت ۽ نواز شريف جي هڪ نظر سان ڏسي رهيا آهن، اهي ٻئي ڦر لٽ ۾ شامل آهن ۽ عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ هاڻي هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائي ڪري پنهنجون حڪومتون بچائڻ چاهين ٿا مگر اسان انهن کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان جو عوام هنن جا اصل چهرا سڃاڻي چڪو آهي ۽ انهن کي دنيا جي بدلجندڙ حالاتن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي، سڀاڻي انهن جو به انجام صدام، حسني مبارڪ، ڪرنل قذافي جهڙو ٿيڻ جو خدشو آهي. ڇو ته عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، ماڻهو هڪ وقت جي مانيءَ لاءِ ترسي رهيا آهن، حڪمران طبقو بادشاهن واري زندگي گذاري رهيا آهن. آخر ۾ هنن نصرت ڀٽو جي وفات تي دلي رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي وارثن فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.