ڪراچي

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتاخورن ۽ سماج دشمنن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو

interiormin presstalkڪراچي ( م ڊ) وفاقي گهرو وزير عبد الرحمان ملڪ ڪالهه اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاران ڪراچي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ٻين ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سنڌ پوليس ۽ رينجرز پاران کنيل قدمن کي به ساراهيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتاخورن ۽ سماج دشمن عنصرن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪنهن به سياسي وابستگي يا گروپ بندي کان مٿانهون ٿي بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکي ويندي ۽ انهنڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ته جيئن صوبي ۾ ماڻهن کي جان ۽ مال جي حفاظت، امن امان جي صورتحال کي برقرار ۽ ڏوهاري سرگرمين کان پاڪ معاشرو جوڙي سگهجي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان جي حوالي سان ايندڙ هفتي اجلاس منعقد ڪري ان سلسلي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو به ورتو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button