سکر
ڪتي جي ڏاڙھيل 12 سالن جي نينگري فريدا کي ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽر انجيڪشن نه هجڻ جو چئي کين موٽائي ڇڏيو
سکر (بيورورپورٽ)سکر جي شمس آباد واري علائقي جي رهواسڻ 2 1 سالن جي نينگري فريدا ڌيءَشيرمحمد مهر کي ڪتي ڏاڙهي وڌو جنهن کي شام ڌاري سول اسپتال پهچايو ويو ته ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽر انجيڪشن نه هجڻ جو چئي کين موٽائي ڇڏيو وارثن موجب ڊاڪٽر اڄ ڇنڇر تي اچڻ لاءِ چيو آهي ۽ هوڏانهن حڪومت پاران موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اسان جي ٻارڙي کي ڪجهه به ٿيو ته ڊاڪٽر ۽ سول اسپتال انتظاميا ذميوار هوندي.