ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل، پوليس طرفان پوليس مقابلو ڄاڻايو ويو
شڪارپور : (وحيد ڦلپوٽو)ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل سندس لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو بعد ۾ پوليس کي اطلاع ملندي ئي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، مقابلي جي دعوي . تفصيل موجب هڪ اشتهاري ڏوهاري اربيلو ٻٻر ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو اهو واقعو ڳوٺ محمد اسمائيل سندراڻي ۾ پيش آيو ذرائع کان معلوم ٿيو آهي ته هڪ خفيه ڊيل تحت پنج مهينا اڳ اربيلو ٻٻر پاڻ پوليس وٽ پيش پيو هيو ملزم تي رکيل پنج لک روپيا انعام واري رقم کيس کي ئي ڏني ويندي ۽ سندس ڪيسن جي پيروي به نه ڪئي ويندي ان ڊيل تحت ملزم گرفتاري پيش ڪئي ۽ چئن مهينن ۾ ئي آزاد ٿئي ويو ان وقت جي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ترقي جي سفارش به ڪري ڇڏئي هئي پوليس ڪنهن به ڪيس جي پيروي نه ڪئي ان ڪري ملزم سنگين ڪيسن ۾ باعزت بري ٿئي ويو قتل جي اصل وجه ٻه سال اڳ سندس پسند جي شادي ٻڌائي پئي وڃي مقتول اربيلو راڻي نالي عورت سان شادي ڪئي هئي راڻي جو ڀاءُ ان ڳالهه تي سخت ناراض هوندو هو پر ٻه سال گذرڻ کان پو۽ راڻي جي گهروارن کيس اعتماد ۾ ورتو ته کيس چيو ته جيڪو ٿيڻو هو سو ٿئي ويو توهان اچو دعوت کائي وڃو جئين ئي اربيلو جيل ۾ آزاد ٿئي آيو ته ڪيس قتل ڪيو ويو مقتول جو لاش بيسڪ هيلٿ سينٽر ڳڙهي ياسين آندو ويو جتي سندس لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس ماءُ مريم وصول ڪيو ۽ چيو ته مون جي پٽ کي بي گناه قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي طرف پوليس پنهنجي دعوا تي قائم آهي ته کيس پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي