پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ راجا جي گهر ۾ ڏک سان گڏ خوشي، تدفين وقت پٽ جو جنم
ڪنڊيارو: اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس اڳيان بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ ساڙيندڙ ڪنڊيارو واسي نوجوان راجا خان رند جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، لاش لحد ۾ لاهڻ وقت سندس گهرواري گلن جهڙي پٽ کي جنم ڏنو، خوشي واري ڪيفيت تي غم حاوي ٿي ويو، غريب ۽ بي پهچ نوجوان جي جنازي نماز ۾ برادري جي ماڻهن کانسواءِ ڪنهن به وزير، ايم اين اي، ايم پي اي، مقامي ڪاموري توڙي سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي، خبر موجب 3 ڏينهن اڳ غربت ۽ مفلسي کان تنگ ٿي پارليامينٽ هائوس اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪندڙ ٻن ٻارن جي پيءُ راجا خان رند جو لاش ڪالهه صبح جو سوير ايمبولينس ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ کان سندس اباڻي ڳوٺ حاجي سائينداد رند پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ، وني ۽ ٻين گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، نوجوان جي ڳورهاري گهرواري مسمات نجمه کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪنڊيارو جي هڪ اسپتال نيو ويو، جتي هن پٽ کي جنم ڏنو، واضح رهي ته ساڳئي وقت نوجوان جو لاش اباڻي قبرستان سائين ڏنو راڄاڻي ۾ لحد ۾ لاٿو پئي ويو، جتي ڪانڌين کي فون ذريعي فوتي جي گهرواري کي پٽ ڄمڻ جو اطلاع ڏنو ويو، ان کان اڳ ٿيل جنازي نماز ۾ آسپاس جي ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪنهن به چونڊيل نمائندي، تر جي وڏيري يا سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻ فوتي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ جي به تڪليف نه ڪئي، صرف جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو جنازي ۾ شريڪ هو، جڏهن ته مقامي انتظاميا جو پڻ ڪو به عملدار ٽن ڏينهن دوران متاثر خاندان وٽ لڙي نه آيو آهي، نه ئي ڪٿان سندن مالي مدد ڪئي وئي آهي، نوجوان جي گهر ۾ پٽ جي جنم تي روايتي انداز ۾ خوشي ملهائڻ بدران غم واري ڪيفيت حاوي رهي، نوجوان جي گهرواري توڙي ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته اولاد خدا جي نعمت آهي پر راجا خان جي وڇوڙي سندن سموريون خوشيون کسي ورتيون آهن، هوڏانهن فوتي راجا خان رند جي بيواهه جو ويم ڪرائيندڙ ڊاڪٽرياڻي صفيه جو چوڻ آهي ته عورت صدمي سبب وقت کان 20 ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏنو آهي پر تنهن هوندي به ماءُ ۽ ٻار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ