خيرپور

پاڻي ۾ ٻڏل علائقن مان پاڻي ترجيحي بنيادن تي جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي: قائم علي شاھ

CM Sindh Qaim Ali Shahخيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ تازين برساتن سبب خيرپور ضلعي ۾ نقصانن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ تعلقه فيض گنج، تعلقه ٺري مير واهه ۽ تعلقو نارو بري طرح متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 9 لک 27 هزار 953 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 3 لک 88 هزار 638 ايڪڙ زمين متاثر ٿي آهي. 2 لک 74 هزار 233 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. جڏهن ته 34 هزار 676 گهرن کي مڪمل طور نقصان پهتو آهي. ۽ 35 هزار 613 گهرن کي برسات سبب جزوي نقصان پهتو آهي. ساڳئ طرح 276 سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو ۽ ڪل 511 ڪلو ميٽر روڊ پڻ نقصان هيٺ آيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 133 پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون لڳايون ويون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هيلٿ جي شعبي ۾ متاثر تعلقن ۾ ڪل 44 موبائل ۽ فڪس ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون. جتي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري جي شعبي طرفان ضلعي جي سڀني تعلقن جي متاثر علائقن ۾ 3 لک 73 هزار 648 جانورن جي ويڪسينيشن ڪئي ويئي ۽ 25 هزار 287 جانورن جو پڻ علاج ڪيو ويو. هن وڏي وزير کي مختلف ادارن، تنظيمن سهڪار سان کاڌي پيتي جي شين ۽ اٽي جي بيگس، خيمن، پلاسٽڪ شيٽس، مڇر دانيون، پاڻي جي نيڪال جون مشينون، ڪمبلن، دوائن، واٽر ڪولرن، ٻيڙن، هٿ جي پمپن ۽ ٻين اسمن کان سامان متعلق وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. هن وڏي وزير کي کاڌي پيتي جي سامان جي برسات متاثرين ۾ ورهاست متعلق پڻ آگاهي ڏني. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي سي او کي هدايت ڪئي ته هو پاڻي ۾ ٻڏل علائقن مان پاڻي ترجيحي بنيادن تي جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي انهن علائقن مان واٽر پمپن کي شفٽ ڪري پاڻي ۾ ٻڏل علائقن ۾ لڳائي ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي هن اينيمل هسبينڊري جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو مالوندن کي اينيمل هسبينڊري جي شعبي ۾ علاج ۽ ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ پنهنجون اثرائتيون ڪوششون وٺن. وڏي وزير کي ٺري ميرواهه، ناري ۽ فيض گنج سان تعلق رکندڙ معززين پڻ رليف اينڊ ريسڪيو سرگرمين متعلق پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي سيڪريٽري/ ڪوآرڊينيٽر محمد يونس ڏاگها برسات سٽيل علائقن ۾ امدادي سرگرمين متعلق بريفنگ ڏني. هن گڏجاڻي ۾ اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ پڻ وڏي وزير کي تعلقه ٺري ميرواهه، فيج گنج تعلقي ۾ امدادي سرگرمين متعلق آگاهي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button