سکر

پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي

Moonis Elahiسکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ يوٿ ونگ ضلعي سکر پاران ضلعي صدر مختيار مهر ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالمالڪ سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن پاران مونس الاهي جي با عزت آزاد ٿيڻ تي مٺائي ورهائي وئي ۽ ڪارڪنن ان مو قعي تي مونس الاهي جي حق ۾ نعرا هنيا، ضلعي صدر مختيار مهر چيو ته مونس الاهي تي جيڪي الزام هنيا ويا هئا اهي سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ ڪورٽ مونس الاهيءَ کي باعزت طور تي بري ڪري ڇڏيو، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ق ليگ جي قائد هميشه محب وطن ڪيا آهن ۽ سچا پاڪستاني آهن. هنن مونس الاهي کي باعزت آزاد ڪرڻ تي سڄي ملڪ جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مونس الاهي ۽ قائد ليگ پاڪستان جا وفادار آهن ۽ انهن هميشه ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ق ليگ پاڪستان ۽ فوج جي حمايت ڪري ٿي، ملڪ جي بقا لاءِ جنگ وڙهندي رهندي. ان موقعي تي ق ليگ ليبر ونگ جي ضلعي صدر حبيب الله سومرو، نئين تعلقي جي صدر ربنواز گهنڃيو، روهڙيءَ جي صدر دين محمد سميت ۽ ٻين تقريرون ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button