سکر

پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن: مولانا عبدالغفور حيدري

Abdul Ghafoor Haidriسکر (رپورٽ ؛ عمر سومرو) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن، پارليامينٽ پنهنجي مدت پوري ڪندي ملڪي مفادن خاطر غير جمهوري تحريڪن جو ساٿ نه ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سکر ۾ جي يو آءِ رهنما آغا سيد محمد ايوب جي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن کان تنگ اچي چڪي آهي، پاڪستان جي عوام هڪ نئين قيادت جي خواهش مند آهي، جي يو آءِ پاڪستان جي در پيش مسئلن کان نجات ڏيارائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته اگر ن ليگ پارليامينٽ کان استعيفيٰ ڏني ته اها انهن جي وڏي غلطي هوندي، اپوزيشن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪندي پارليامينٽ جي مدت کي پورو ڪرڻ ڏي ملڪ هن وقت ڪيترن ئي سنگين خطرن سان منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هنن خطرن کان نجات لاءِ تمام سياسي جماعتون سياسي اختلافن کي وساري ڪري ملڪي سالميت ۽ ان جي دفاع لاءِ جدوجهد ڪرڻ کپي. هن چيو ته ملڪ جا اهم ادارا تباهه و برباد ٿي چڪا آهن، واپڊا سميت ريلوي کي انتهائي سنگين بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ امن نالي ڪا به شيءِ موجود نه آهي، شهري ۽ ڪاروباري ماڻهو غير محفوظ ٿي چڪا آهن، سڄي ملڪ سميت ڪراچي بد امنيءَ جي لپيٽ ۾ آهي اندروني سنڌ ۾ اغوائون، چوريون ۽ قتل جي وارداتن ۾ بي پناه اضافو پوليس جي نا اهلي آهي. هن چيو ته جي يو آءِ سميت تمام جماعتون ملڪي سالميت ۽ ان جي دفاع لاءِ ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪندي ۽ ملڪي حفاظت لاءِ تمام سياسي جماعتون متحد ٿي ڪري پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان پوئتي نه هٽندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ جي معيشيت مڪمل طور تي تباهه و برباد ٿي چڪي آهي، ايندڙ بجيٽ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي، جنهن سان عوام وڌيڪ مشڪلات جو شڪار ٿي ويندو، ايندڙ خسارو بجيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اداره وڪرو ڪرڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي، حڪمرانن کي کپي ته هو پاڪستان جي معيشت کي بچائڻ لاءِ نئين حڪمت عملي اپنائين ته جيئن ملڪ کي درپيش بحرانن مان نجات حاصل ٿي سگهي، هن چيو ته جي يو آءِ جي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ قائد مولانا فضل الرحمٰن متحده مجلس عمل جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان متحده مجلس عمل کي غير فعال ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو آهي، ان کي متحده مجلس عمل کي فعال بڻائڻ لاءِ تمام مذهبي جماعتن سان رابطا ڪرڻ جو چيو ويو آهي ۽ انشاءَ الله اسان کي اميد آهي ته متحده مجلس عمل کي فعال ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام مذهبي جماعتون متحده مجلس عمل جو ساٿ ڏينديون، هن چيو ته سکر پوليس جي عدم دلچسپي ۽ با اثر شخصيتن جي دٻاءَ جي ڪري جي يو آءِ جي شهيد رهنمائن جي قاتلن کي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي ۽ انهن جي گرفتاريءَ لاءِ مسلسل ٽال مٽول ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ شديد غصي جي لهر دوڙجي رهي آهي، هن آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس سکر ريجن سميت تمام متعلقه ادارن کي مطالبو ڪندي چيو ته سکر ۾ جي يو آءِ رهنمائن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي جماعتن جي دلفريب دعوائن کان تنگ اچي چڪا آهن، ياد رهي ته جي يو آءِ پاڪستان جي عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي ان مو قعي تي هن سان گڏ جي يو آءِ ضلع سکر جا رهنما محمد صالح انڊهڙ، مولانا عبدالحق مهر، مولانا غلام الله هاليجوي حافظ محمد سلمان ۽ ٻيا رهنما به موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button