رانديون

ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ رائل چيلنجز ۽ عباسي ڪلبن جي کٽڻ جو سلسلو جاري

Sukkur Stadiumسکر (بيورو رپورٽ)ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ رائل چيلنجز ۽ عباسي ڪلبن جي کٽڻ جو سلسلو جاري، اويس صديقي ۽ عدنان شاهه مين آف دي ميچ، ٽي ايم او ، سينئر صحافي محمد زمان باجوا مهمان خاص. منزل گاهه گرائونڊ سکر ۾ جاري ڪمبائنڊ اسپورٽس ڪلب سکر جي زير اهتمام ٽپال داڻي دار فلڊ لائٽ انٽر ڪلب ڪرڪٽ ٽورنامنٽ ۾ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو پهرين ميچ ۾ مقرر اوورن ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي منزل گاهه ڪرڪٽ ڪلب سکر 5 وڪيٽن جي نقصان تي 7 1 1 رنسون ٺاهيون. عبدالوهاب پٺاڻ 3 5 ، صادق 1 3 رنسون ٺاهيون. عمران اعواڻ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ رائل چيلنجز ڪرڪٽ ڪلب سکر جي ٽيم گهربل اسڪور 3 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. عمران اعواڻ ذميوارانه بيٽنگ ڪندي 7 1 رنسون ٺاهيون. راجا 2 وڪٽون ورتيون. ميچ جي مهمان خصوصي ٽي ايم او سکر فياض ميمڻ هو. جنهن ڪمبائنڊ اسپورٽس ڪلب جي آرگنائيزر ڪاشف قريشيءَ کي بهترين ٽورنامنٽ لڳائڻ تي تعريف ڪئي. ان موقعي تي ٽورنامنٽ ڪميٽيءَ کي 5 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار حسين، عمران سومرو به موجود هئا. ٻئي ميچ ۾ پهريان بيٽنگ ڪندي شاهه اليون ڪرڪٽ ڪلب سکر 5 وڪيٽن جي نقصان تي 1 4 1 رنسون ٺاهيون. علي رضا شيخ 2 5 ، فرحان شاهه 1 4 ، ريحان شاهه 5 3 رنسون ٺاهيون. عبدالله ۽ شڪيل ٻه ٻه وڪٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ عباسي ڪرڪٽ ڪلب سکر گهربل اسڪور چئن وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. اويس صديقي 7 6 ، ڪاشف قريشي 2 4 ۽ وسيم اعواڻ 1 3 رنسون ٺاهيون. عامر 3 وڪٽون حاصل ڪيون. ميچ جو مهمان خصوصي سکر جو سنيئر صحافي محمد زمان باجوا هو. هن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ عباسي ڪلب سکر جي اويس صديقيءَ کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو. امپائرنگ جا فرائض بهرام گوپانگ، حمزه قريشي، عبدالوهاب عباسي، شڪيل عباسي سرانجام ڏنا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button