ٺٽي ۾ 50 ڏينھن کان پوءِ بيروزگار نوجوانن جو احتجاج
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو ۾ 50 ڏينهن جي احتجاج بعد روزگار نه ملڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪندڙ نوجوانن جي ڪيمپ تي پ پ اڳواڻ پهچي نوجوانن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو، کين روزگار ڏيڻ جو اعلان. ٺٽو پريس ڪلب اڳيان 50ڏينهن کان وٺي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري احتجاج ڪندڙ ڊگري يافته نوجوانن جي جدوجهد نيٺ رنگ لاٿو پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ امتياز قريشي ۽ پ پ ٺٽو سٽي جي صدر عزيز پکيئڙو جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻن جو هڪ وفد پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل نوجوانن وٽ پهتو جتي احتجاج ڪندڙ نوجوانن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي، احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل عنايت شاهه، ممتاز شيخ، شاهد عباسي، احسان جاکرو ، سڪندر شاهه ۽ ٻين نوجوانن کي جوس پياري سندن احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ امتياز قريشي چيو ته نوجوانن جو احتجاج جائز هو پ پ جي حڪومت هڪ جهموريت پسند عوامي حڪومت آهي جيڪا عوامي اظهار جي آزادي جو خيال رکي ٿي هن چيو ته متاثر نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ سان گڏوگڏ ٺٽي ضلعي اندر سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ ڀرتي ٿيل غيرمقامي ماڻهن جي ڀرتين بابت جاچ ڪرائي ويندي ۽ نوجوانن کي انصاف ڏياريو ويندو. واضح رهي ته ٺٽي ۾ گذريل 50 ڏينهن جي عرصي دوران احتجاج ڪندڙ نوجوانن پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏيل احتجاجي جلوس ۽ مظاهرو ڪري پنهنجي گردا ۽ ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏيندا رهيا ۽ ان دوران چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن آڏو احتجاجي ڌرڻا پڻ هنيا ويا، ان سلسلي ۾ احتجاج ختم ڪندڙ نوجوان اڳواڻن عنايت شاهه، ممتاز شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته پ پ اڳواڻن کين غيرمقامي ماڻهن جا آرڊر رد ڪرائي مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي هنن چيو ته اهو معاملو سندن ذاتي نه پر ضلعي جي ڊگري يافته نوجوانن جو اجتماعي مسئلو آهي انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ ٻيهر تحريڪ هلائي ويندي.