ٺٽي ۾ پوليو جي 3 ڪيسن جي تصديق، صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر پوليو جا 3 ڪيس تصديق ٿيڻ ۽ ڪيترائي شڪي ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ٺٽي جي ڊي سي او سميت سياسي ڌرين صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي ضلعي اندر پوليو مهم دوران ايمرجنسي نافذ ڪري خود پوليو جا ڦڙا معصوم ٻارڙن کي پيارن ۽ مهم جي سخت نگراني ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٺٽي جي ڊي سي او ۽ ضلعي ائڊمنسٽريٽر محمد جعفر عباسي جي صدارت هيٺ پوليو بابت ٿيل اهم گڏجاڻي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير ميمڻ ، صحت، تعليم ، پوليس ، روينيو ۽ ٻين کاتن جي اي ڊي اوز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي صحٽ کاتي ٺٽو جي ي ڊي او ناصر جلباڻي پاران ضلعي اندر پوليو جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي چيو ته صحت کاتي جي انتظاميا نا اهلي ۽ ناڪامي سبب ضلعو ٺٽو پوليو جي حوالي سان هاءِ رسڪ تي اچي ويو آهي پر صحت کاتي جا عملدار هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪري رهيا آهن جيڪا انهن جي نااهلي آهي هن چيو ته 24 آڪٽوبر کان ضلعي اندر شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي هاڻي هو خود نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻ ٻارڙن کي 3 ڏينهن تائين فيلڊ ۾ وڃي پوليو جا ڦڙا پياريندو ۽ مهم ۾ ڪوتاهي ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن جي نوڪري ختم ڪئي ويندي. پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير ميمڻ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته صحت کاتي ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه ٿي رهي آهي، صحت کاتي جي انتظاميا پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ خاطر ڪڏهن پوليو مهم دوران ڳوٺاڻن جي عدم تعاون ۽ وري ڪڏهن سياسي مداخلت جا راڳ آلاپيندي رهي آهي پر هن وقت صحت کاتي جي نا اهلي سبب ضلعي اندر پوليو جو وائرس تيزي سان ڦهلجي ۽ وڌي رهيو آهي ان لاءِ جنگي بنيادن تي سرڪاري کاتن جي عملدارن ۽ سياسي قيادت توڙي ڪارڪنن کي ايندڙ مهم ۾ حصو وٺڻو پوندو.