ٺٽي ۾ پوليو جا 6 ڪيس ظاھر ٿيڻ کان پوءِ سومر کان 3 ڏينھن واري مھم ھلائي پئي وڃي
ٺٽو : ٺٽي ضلعي مان پوليو جي بيماري سبب 6 ٻارڙن جي معذور بنجڻ جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ضلعي جي پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ سومر 24 آڪٽوبر کان 3 ڏينهن واري مهم هلائي پيئي وڃي جنهن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري، ضلعي حڪومت، صحت کاتي ۽ سول سوسائٽي پاران ان مهم کي ڀرپور نموني هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته پوليو ٻار جي موت يا معذوري جو سبب بنجي ٿي جنهن جو ڪوبه علاج نٿو هجي پر 5 سالن تائين جي ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ سان ان بيماري کان محفوظ ڪري سگھجي ٿو.ان حوالي سان عوام کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڦڙا پيارڻ واريون ٽيمون سندن گھرن تي نه پهچن ته ٽال فري نمبر 080076546 تي رابطو ڪيو وڃي. ان سان گڏ هيٺين نمبرن تي پڻ اطلاع ڏئي سگھجي ٿو. 03008241165، 03008291068 ۽ 03008446719.ياد رهي ته پوليو جي 6 ڪيسن ۾، 3 ڪيس يونين ڪائونسل لاڏيون تعلقو شاهبندر ۽ هڪ ڪيس ميرپور ساڪرو مان رپورٽ ٿيو آهي.