ٺٽو

ٺٽي ۾ بيروزگار نوجوانن جو احتجاج 49 ڏينھن به جاري

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون نه ملڻ ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي سياسي سفارش عيوض ٿيل ڀرتين خلاف بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران شرو ڪيل احتجاجي جدوجهد جي سلسلي ۾ 49 ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽو اڳيان قائم ڪيل ڪيمپ ۾ بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه، شاهد عباسي، ذوالفقار بروهي ۽ ٻين پاران احتجاج طور تي معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ سان گڏ نعريبازي جو سلسلو جاري رکيو ويو، بيروزگار نوجوانن چيو ته جهموري دور ۾ فريال ٽالپر، آغا سراج دراني، مراد علي شاهه، پيرمظهرالحق پنهنجن ضلعن جي ماڻهن کي ٺٽي جي مختلف کاتن ۾ ڀرتي ڪرايو آهي ، جڏهن ته اين جي اوز ۾ آزاد ڪشمير ۽ ٽنهي صوبن توڙي سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود ٺٽي جا سمورا چونڊيل نمائنده ٻڙڪ به ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن جيڪا ٺٽي جي نوجوانن سان وڏي نا انصافي ۽ ظلم آهي، هنن چيو ته هنن جي جدوجهد مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button