ٺٽي ضلعي جا رهواسي ڳوٺاڻا، عورتون معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي بيمارين ۾ مبتلا
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) برسات متاثر ٺٽي ضلعي جا رهواسي ڳوٺاڻا، عورتون معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ڊاڪٽرن معصوم ٻارڙن سميت ڳورهاري عورتن جي زندگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کي فوري قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران پيپلز ڊاڪٽرز فورم جي سهڪار سان جنگشاهي ويجهو ساڏورو مڪان ڳوٺ ۾ لڳايل هڪ روزه مفت طبعي ڪيمپ ۾ ڪوهستاني علائقن ۾ پناهه لاءِ پهتل برسات متاثر هڪ هزار کان مٿي مريضن جي چڪاس ڪري ڊاڪٽرن مفت ۾ علاج ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مفت ڪيمپ ۾ مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، ڊاڪٽر قمر ٻارڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته چڪاس دوران خارش، مليريا، دست، الٽين، پيٽ ۽ اکين جي بيماري ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو ويو، هنن ٻڌايو ته اڪثر علاج لاءِ پهتل متاثره عورتون ۽ سندن ٻارڙا غذائي کوٽ سبب رت جي ڪمي جو شڪار آهن ۽ معصوم ٻارڙن جو وزن به کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڊاڪٽرن ڳورهاري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي غذائي کوٽ ۽ رت جي ڪمي سبب سندن زندگي کي خطري هيٺ ڄاڻايو آهي، هوڏانهن نيشنل بئنڪ جي عملدارن همايون سعيد، ذوالفقار خواجه ۽ مشتاق سومرو طبعي ڪيمپ جو معائنو ڪري جائزو ورتو.