ٺٽو

ٺٽي ضلعي اندر هلندڙ سال دوران پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ضلعي حڪومت پوليو مھم جي ڪاميابي لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي پئي

polio13ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي اندر هلندڙ سال دوران پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي جي ڊي سي او 24 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ 648 ٽيمون تشڪيل ڏيئي 2 لک 51 هزار 4 سئو 62 معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ صحت ، روينيو، تعليم ۽ مڪاني ادارن جي يوسي سيڪريٽريز کي الرٽ رهڻ ۽ مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته صحت کاتي ٺٽو جي اي ڊي او ڊاڪٽر ناصر جلباڻي پوليو جو چوٿون ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ 3 ڏينهن کان وٺي آفيس نه اچي رهيو آهي ، جنهن سبب گذريل پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ صحت کاتي جي عملي ويڪسينيٽرز ۽ ايل ايڇ ويز کي ڊيوٽي الائونس جي ادائگي نه ٿي سگهي آهي ۽ (اڄ) تائين رقم جي ادائگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ صحٽ کاتي جي ڊيوٽي عملوي پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو آهي معلوم ٿيو آهي ته پوليو کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن کان ٺٽي پهتل ڊبليو ايڇ او جي ٽيم اي ڊي او صحت جي غير موجودگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي معاملي جي فوري نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڊبليو ايڇ او جي نائجيريا کان پهتل نمائندي ڪنسلٽنٽس ڊاڪٽر آدم ابراهيم ضلعي ٺٽي اندر پوليو جا وڌيڪ ڪيسز ظاهر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته اي ڊي او صحت پاران ڦڙا پيارڻ واري عملي کي ڊيوٽي معاوضي جي رقم جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ 24 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button