ٺٽو

ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن جو انوکو احتجاج

Thatta Protestٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ۾ بيروزگار نوجوانن پاران مائرن ۽ ڀينرن سان گڏ شهر ۾ جهولي کڻي معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ جون صدائون، شهرين ۽ واپارين خيرات ڏنيون ضلعي ٺٽي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون نه ملڻ ۽ ٻاهرين ماڻهن جي ٿيل ڀرتين خلاف ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن پاران 43 ڏينهن تي پڻ سندن احتجاج جاري رهيو، بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه، شاهد عباسي، الطاف سميجو، اصغر خاصخيلي، گل محمد شاهه ، هوش محمد عباسي، واصل شاهه، ذوالفقار بروهي ۽ ٻين پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن سان گڏ جهوليون کڻي ٺٽو شهر جي شاهي بازار ۽ مين اسٽاپ تي اکين مان لڙڪ هاريندي معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ صدائون هنيو ته (آهي ڪو خريدار کانئن جگر جا ٽڪرا ۽ گرده خريد ڪري ) اهڙي صدائن تي شهرين ۽ واپارين کين نقد رقم جي صورت ۾ خيرات ڏني بيروزگار نوجوانن موجب عوامي ۽ جهموري دور جي دعوا ڪندڙ حڪمران ڪراچي ۾ بيگناهه ماڻهن جا لاش ڏيندڙ دهشتگردن اڳيان گوڏا کوڙي کين وزارتون ۽ ٻيون مراعتون پيا ڏينUnemployeed People of Thatta پر سنڌ جي لکين بي روزگار نوجوان جيڪي بک ، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار بڻيل آهن انهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن، هنن چيو ته ٺٽي مان چونڊيل نمائندا گونگا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا آهن سندن احتجاج جو ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته سندن جدوجهد مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي بعد ۾ هو پريس ڪلب ٺٽو اڳيان قائم ڪيل ۾ ڪيمپ ۾ پهچي ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيندا رهيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button