ٺٽو

ٺٽي جي برسات متاثر علائقن ۾ ماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي

Campٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي 55 يوسيز جي 51 بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽرن انڪشاف ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن کان پوءِ ٺٽي ضلعي جي مختلف متاثر علائقن ۽ جاتي چوڪ جي رليف ڪيمپ ۾ دماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي پر ڦوهارو مهم نه هلڻ ڪري متاثر علائقن جي ماڻهن جون زندگيون خطري هيٺ اچي ويون آهن ، پي پي ايڇ آئي ۾ ڪم ڪندر ڊاڪٽرن جو هڪ اهم اجلاس مڪلي جيم خانه ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي پي ايڇ آئي ايمپلائيز فورم جو بنياد وجهي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه، ڊاڪٽر حبيب خواجه، ڊاڪٽر عمر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الله ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پي پي ايڇ آئي جي ڊاڪٽرن جي پگهار وڌائي گهٽ ۾ گهٽ 50 کان 60 هزار رپيا ڪئي وڃي ۽ ايمرجنسي دوران اضافي ڊيوٽي جو معاوضو هارڊ الائونس ۽ کين نان پريڪٽس الائونس ۽ انشورنس جي سهوليت ڏني وڃي ان موقعي تي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيند يپي پي ايڇ آئي آرگنازئنگ ڪميٽِي جي اڳواڻن ڊاڪٽر عمر ميمڻ، جمال الدين ميمڻ، انورخواجه ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي جي برساتي متاثر علائقن ميرپوربٺورو ، جاتي، ٽنڊوحافظ شاهه ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي مختلف يوسيز ۾ دماغي مليريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ، يوسي جهوڪ جي هڪ ڳوٺ حاجي ڇٽو جلالاڻي ۾3 ماڻهو دماغي مليريا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته باربار صحت کاتي ۽ ميلريا ڪنٽرول پروگرام جي اختيارين کي اگاهي ڏيڻ باوجود متاثر علائقن ۾ مليريا جي بچاءُ خاطر اسپري مهم شروع نه ڪئي ويئي آهي جنهن سبب هزارين ماڻهن جون زندگيون خطري هيٺ اچي ويون آهن هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اي ڊي او صحت ٺٽو ڊاڪٽر ناصر جلباڻي چيو ته مڇر مار ڦوهاري لاءِ گهربل اسپري جي دوا ختم ٿي ويئي آهي جنهن بابت اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ آگاهي ڏني ويئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button