مختصر خبرون

ٺٽي جو خبرنامو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي برسات متاثرين جي امداد نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان جي ورهاست ۾ ڪرپشن خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي سميت ضلعي جي برساتي پاڻي هيٺ آيل مختلف علائقن جي برسات متاثر ماڻهن، نوجوانن ۽ سماجي ڪارڪنن ايڌي سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو آڏو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن گڏهن تي بينر هڻي ٺٽي مان چونڊيل نمائندن جو احتجاجي سرڪس ڪڍيو، سماجي اڳواڻ اسحاق خشڪ، مظهر علي ۽ اميد علي جي اڳواڻي ۾ برسات متاثڙين جي ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي بلاڪ ٿي ويو احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته متاثرين جي نالي تي ايندڙ امدادي راشن حڪومتي ڌر ۽ چونڊيل نمائندن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ من پسند ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي هنن چيو ته اسان جا چونڊيل نمائنده مڪمل طور تي نااهل ثابت ٿي چڪا آهن جيڪي ضلعي ٺٽي کي آفت سٽيل به قرار ناهي ڏياري سگهيا. هنن چيو ته هزارين ٻوڏ ۽ برسات متاثر هن وقت کلي آسمان هيٺ بي يارومددگار بڻيل آهن کين کاڌ خوراڪ ، صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙيون سهوليتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن، ۽ متاثر علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سبب بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر نه ڪئي ويئ ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) بيروزگار نوجوانن کي احتجاج ڪندي 40 ڏينهن گذري ويا آهن حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جون به نه سري ، ضلعي ٺٽي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون نه ملڻ ۽ ڌارين جي ٿيل ڀرتين ۽ مقررين خلاف بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه، سڪندر شاهه، هوش محمد عباسي ۽ ٻين پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان 40 ڏينهن به پنهنجا معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو پر 40 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جون به ناهي سري نوجوانن موجب مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) کاروڇاڻ جي ڳوٺ ۾ اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، شاگرد معجزاڻي طور بچي ويا، ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي واري تعلقي کاروڇاڻ جي ڳوٺ علي بخش بلوچ ۽ قائم مڊل اسڪول جي ٻن ڪمرن ۾ ڇتيون ڌماڪي سان ڪري پيو ۽ شاگرد توڙي استاد معجزاڻي طور تي بچي ويا ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي ۽ سماجي ڪارڪن شفيع محمد مرگهر ٻڌايو ته اسڪول ۾ 60 کان مٿي ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ان جي بلڊنگ 1990ع ۾ تعمير ٿي هئي هن چيو ته تازين برساتن سبب اسڪول جي ڇت زبون ٿي ويئي ۽ تعليم کاتي جي انتظاميا کي پڻ آگاهي ڏني ويئي پر ان جي باوجود ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، هن چيو ته سڄي اسڪول ناڪاره بڻجي ويئي آهي جيڪڏهن ٻيهر مرمت نه ٿي ته شاگردن جون حياتين کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي سياسي سماجي ادبي توڙي استاد تنظيم جي اڳواڻن ٻوڏ ۽ برسات متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن سان گڏجي متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪندي تعليم بچايو ايڪشن ڪميٽي قائم ڪري 8 آڪٽوبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي سماجي تنظيمن جي پاران مڪلي ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ جاڳرتا مهم جي عنوان هيٺ ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي تعليم کاتي جي فوڪل پرسن نظام الدين کڏائي عبدالقادر لاشاري، ايس ٽي پي جي غياث ميمڻ، سيد نواز شاهه ڀاڏائي، عورت اڳواڻ نيلم عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن کي گهرجي ته هو مقامي ماڻهن جي صلاح مشورن کان پوءِ ئي بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته تعليم جي حوالي سان مليل رقم حقيقي بنيادن تي خرچ نه ٿيڻ توڙي ادارن جو احتساب نه ٿيو ته بحالي تمام مشڪل آهي هنن چيو ته سمورا ادارا هڪ ٻئي جي صلاح مشورو ڪري ڪمن جي شروعات ڪن ته جيئن ڪم بهتر نموني سان ٿي سگهي، جڏهن ته سيمينار ۾ تعليم بچايو ايڪشن ڪميٽي جو قيام آندو ويو .

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي لڳ سونڊا وٽ پراسرار نموني گولي لڳڻ ڪري هڪ نوجوان مرڻينگ نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل، ٺٽي جي سونڊا واري علائقي جي رهواسي نوجوان 25 سالا غلام نبي شاهه کي پراسرار نموني فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ ڪري نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس ڪراچي روانو ڪيو ويو ڊاڪٽرن موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ کيس 3 گوليون لڳيون جن مان هڪ گولي سندس پيٽ ۾ رهجي ويئي آهي ۽ سندس حياتي خطري هيٺ آهي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان غلام نبي شاهه کي سندس هڪ ڀاءُ گهريلو ۽ ملڪيت جي تڪرار واري معاملي تان فائرنگ ڪري زخمي ڪيو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس اڃان تائين داخل نه ڪيو ويو آهي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي لڳ دمدمون اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ ڪري نوجوان فوت، ٺٽي لڳ دمدمون اسٽاپ وٽ سجاول کان ٺٽي ايندڙ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 24 سالا نوجوان ڊرائيور عباس سرائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو لاش سجاول نيو ويو.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي جي برسات متاثره عورت ذهني توازن وڃائي پنهنجي ٻارڙي سميت گهران نڪري گم ٿي ويئي ، مائٽن پاران سندس ڳولا جاري، ٺٽي ضلعي جي ور شهر واري علائقي جي رهواسي برسات متاثر ڳوٺاڻي علي مراد شيخ جي ننهن مسمات عائشه جيڪا ٻن ٻارڙن جي ماءُ پڻ آهي برساتي تباهڪارين سبب ٿيل نقصان جو ازالو نه ٿيڻ ۽ مسلسل پريشان رهڻ بعد ذهني توازن وڃائي ويٺي آهي جيڪا ذهني توازن وڃائڻ بعد پنهنجي ست ورهين جي معصوم نياڻي سان گڏجي گهران نڪري گم ٿي ويئي آهي جنهن سبب سندس والدين سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ گم ٿيل عورت عائشه شيخ جي سهري علي مراد شيخ ٻڌايو ته تازين برساتن سبب سندن گهر ڊهي پيا ۽ سندن تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو جنهن کان پوءِ سندس ننهن عائشه گهر ۾ سخت پريشاني رهندي هئي جيڪا اوچتو پاڻ سان ٻي ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي نياڻي کي ساڻ وٺي گهران نڪري گم ٿي ويئي آهي سندس ڳولا دوران کين ڄاڻ ملي ته هو مڪلي جي برسات متاثرين جي ڪيمپ تي پهچڻ بعد اتان به غائب ٿي ويئي آهي جڏهن ته سندس 5 ورهين جو پٽ ماءُ جي وڇوڙي تي دانهون ڪري رهيو آهي ۽ کين سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي لڳ پٺاڻ ڪالوني ويجهو ديهه ٻجورا جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين جي زمين تي مالڪي جي دعوا واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي آهي ۽ ٻجورا ٻيلي جي چوڪڙي نمبر 23 ۽ 24 جي 194 ايڪڙ ايراضي زمين تي هٿيار بند مورچا بند ٿي مورچا سنڀالي ورتا آهن علائقي جي ڪچي ۾ رهندڙ مقامي ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته بااثر وڏيرن هٿيار بند ڏوهاري ماڻهن جي مدد سان ٻيلي کاتي پاران کين ليز تي ڏنل 194 ايڪڙ ايراضي زمين تي قبضو ڪرائي ورتو آهي ان سلسلي ۾ ٻجورا ٻيلي جي رهواسي ڳوٺاڻن اظهر حسين شاهه، عبدالقادر بروهي، ناصر شاهه، منير احمد، عزيز، آصف شاهه، وزير بروهي ۽ ٻين پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ٺٽي جي بااثر ماڻهن هٿياربند آڻي کين ليز تي مليل ڪچي جي زمين تي قبضو ڪرايو آهي ۽ هٿياربند ماڻهن سندن گس بند ڪري مورچا سنڀالي رات ڏينهن فائرنگ ڪرڻ لڳا آهن جنهن سبب علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي ۽ زميني تڪراري معاملي جو انتظاميا پاران نوٽيس نه وٺڻ سبب رتو ڇاڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ٺٽي جي سڄاڻ ڌرين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تڪرار جو فوري نبيرو ڪرائي رتو ڇاڻ کي روڪيو وڃي.

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) برساتي پاڻي هيٺ آيل ٺٽي جي تعليمي ادارن ۽ اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو گرلس هاءِ اسڪول شيرازي محله کي عارضي طور ٻن پرائمري اسڪولن ۾ منتقل ڪيو ويو بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو برساتي پاڻي هيٺ ڪيترن ئي پرائمري اسڪولن جي متاثر ٿيڻ ڪري هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل رپورٽ موجب تازين زوردار برساتن کان پوءِ مهينو گذرڻ جي باوجود ٺٽي جي گرلز هاءِ اسڪول شيرازي محله وارڊنمبر هڪ ۽ بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو سميت برساتي پاڻي هيٺ آيل تعليمي ادارن پرائمري توڙي مڊل اسڪولن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب ضلعي اندر تعيلمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن جڏهن ته برساتن کان وٺي 2 کان 3 فوٽن تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري گرلرز هاٰٰ اسڪول شيرازي محله بدستور بند پيل آهي جنهن کي عارضي طور هلائڻ لاءِ ٺٽي جي ڊي سي او جي هدايتن تي تعليم کاتي جي انتظاميا ٺٽي جي اردو پرائمري اسڪول ۽ قاضي محله پرائمري اسڪول ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪري هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته مذڪوره اسڪول جي نائين ڪلاس جي شآگردياڻين پاران اسڪول بند هجڻ ڪري امتحاني فارم ڀرائجي نه سگهيا آهن جيڪي هاڻ ليٽ في سان فارم ڀرائڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ٻئي طرف بوائز هاءِ اسڪول ٺٽو جي احاطي گرائونڊ توڙي آسپاس هڪ کان ٻه فوٽن تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي جنهن جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري روزانو استادن توڙي شاگردن کي ور مٿي کڻي ۽ چمپل لاءِ اسڪول تائين پهچڻو پوي ٿو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسڪول ۾ گندگي وڌي ويئي آهي ۽ مڇرن جي آزار سبب تدريسي عملو توڙي شاگرد ڊينگي ۽ مليريا جهڙي وبا ڦهلجڻ جي خوف سبب پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ (سڀاڻي) سومر ڏينهن ٺٽي ۾ احتجاجي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو آهي ٻئي طرف يوسي ٽنڊوحافظ شاهه ، يوسي اونگر سميت تعلقي ميرپوربٺورو ۽ تعلقي جاتي جا ڪيترائي مڊل ۽ پرائمري اسڪول برساتي پاڻي هيٺ آيل آهن جنهن سبب اتي تدريسي سرگرميون ٺپ بڻيل آهن ۽ هزارين معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. ٺٽي جي سماجي ۽ سياسي ڌرين اهڙي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گهر ڪئي آهي ته تعليمي ادارن مان برساتي پاڻي کي فوري طور نيڪال ڪرائي تدريسي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button