رانديون

ٺري ميرواهه ۾ والي بال ٽورنامينٽ

(بوزدار وڏا رپوٽ جمشيد خان بلوچ )
Volley Ballسنڌ ۾ آيل تازين برساتن جي تباهه ڪارين سبب جتي برسات متاثرين سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، اتي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءَ ٺري ميرواهه ۾ نبن شاه بي بي ڪلب پاران درگاهه نبن شاهه جي گرائونڊ تي ٻه روزه نائٽ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪري لطف اندوز ٿيا، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻو، دادو، چڪ، خيرپور ، اڪري چودگي، همبا شريف سميت مختلف علائقن جي 20 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، فائنل ٽورنامينٽ جي تقريبن جو مهمان خاص پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد شر اعزازي مهمانن ۾ غلام مرتضيٰ،مور جوگي شڪيل احمد سولنگي،اعجاز زرداري ، سردار علي شر ،شهزاد بشير، ،عبدالحفيظ شر،جمشيد خان، قائم علي شر، نصرت علي شر ۽ ٻيا هئا۔
مهمانن کي سنڌ جي ثفاقت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. ۽ جڏهن ته پ پ پ اڳواڻ نثار احمد شر جي ڀرپور نموني آجيان ڪئي وئي، فائنل ۾ اڪري ڪلب 25 پوائنٽون کڻي فائنل کٽي ورتو چڪ ڪلب 14 پوائنٽون کئي هارائي وئي. جڏهن ته تقريبن جي مهمانن خاص پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد شر اڪري ڪلب جي ڪپتان ۽ مئن آف مئچ رفيق هاليپوٽو کي 23 هزار ۾ ٽرافيون ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان عابد ٽڳڙ کي 17 هزا ٽرافيون ڏنيون ۽ ٽونامينٽ ڪرادئندڙن.
جڏهن ته ٺري ميرواهه جي عملدارن کي دعوتون هجڻ باوجود ڪنهن به شرڪت نه ڪئي ، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن ۽ ڏسندڙن ۾ خوشي جي لهر ڇا نيل هئي ته سندن چوڻ هو ته اهڙا پروگرام ضرور ٿيڻ گهرجن جنهن سان علائقي واسي لطف اندوز ٿي سگهن اهڙن تقريبن ۾ علائقي واسين کي شرڪت ڀرپور نموني ڪرڻ گهرجي .
ان سلسلي ۾ پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد شر تقريب کي خطب ڪندي چيو ته اهڙيون تقريبون ڪوٺائڻ بهتر عمل آهي ۽ ان سان برسات جي تباهن کان پوءِ پيدا ٿيل ماحول ۾ تفريح ۽ خوش گوار ماحول ڪيو آهي ان ڪري اهڙا پروگرام ٿيڻ گهرجن ۽ هو مڪمل سهڪار ڪندو رهندو.جڏهن ته ٽورنامنٽ ڪرائيندڙ نبن شاهه ڪلب جي آرگنائيزر اسد علي جوڳي ، اعجاز ڀٽي مجيب جوڳي ، پرويز مگڻهار کي پڻ انعام ڏنو ويو ،. ان سلسلي ۾ هنن جو چوڻ هو ته اهي هر سال شهرين کي تقريبن فراهم ڪرڻ لاءَ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽورنامينٽ ڪرائيندا آهن. هن ڀيري سنڌ جي مختلف شهر ۾ وڌي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت ڪرڻ تي کين خوشي ٿي ، ۽ ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت کي گهرجي ته برسات کانپوءِ آيل تباهي ۽ گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اهڙيون تقريبون منعقد ڪرائي ته جئين لطف اندوز ٿي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button