سکر

واپڊا جي نجڪاري خلاف پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين جي اڳواڻ جي احتجاجي ريلي

WAPDA protestسکر(بيورورپورٽ) پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ليبر يونين زون سکر جي اهتمام هيٺ محمد بن قاسم پارڪ کان ريلي ڪڍي ويئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب تي احتجاجي جلسي ۾ تبديل ٿي ويئي ريلي جي قيادت زونل اڳواڻ سيد زاهد حسين شاهه، بدرالسلام ملڪ، مظهر حسين انصاري ۽ لاله ڌڻي بخش پٺاڻ ڪري رهيا هئا. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته حڪمران قومي ۽ حساس ادارن کي نجڪاري جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي واپڊا جا پاور هائوسز جي نجڪاري رهيا آهن. جنهن سان بجلي انتهائي مهانگي ٿي ويندي. جنهن سان ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۽ مهانگائي جو طوفان اٿندو. غريب ۽ محنت ڪش طبقو جيڪو پهريان ئي انتهائي مشڪل صورتحال جو شڪار آهي. وڌيڪ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو. ۽ نجڪاري مالڪ ڊائون سائزنگ ۽ رائت سائزنگ جي نالي تي مزدور طبقي جو استحصال ڪندا. جنهن سان بيروزگاريءَ جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اڳواڻن چيو ته بجلي جي نجڪاري سڄي دنيا ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي. ان جو تجربو ڪٿي به ڪامياب نه ٿيو آهي. ۽ پاڪستاڻ ۾ به ڪي اي ايس سي جي نجڪاري ناڪام ٿي ويئي آهي. ڪي اي ايس سي جي نجڪاري جو عذاب ڪراچي جي عوام ڀوڳي رهي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ ڪي اي ايس سي جي انتظاميه ڏينهون ڏينهن محنت ڪشن جا نوان نوان تڪرار پيدا ڪري امن ۽ امان جي صورتحال خراب ڪري رهي آهي. ۽ ڪي اي ايس سي انتظاميه نه ئي عوام ۽ نه ئي حڪومتي آواز ٻڌي رهي آهي. تنهنڪري واپڊا جا محنت ڪش ڪنهن به صورت ۾ واپڊا کي ڪنهن به اداري جي نجڪاري نه ٿيڻ ڏيندا. جنهن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي. ۽ سڄي ملڪ جو ڦيٿو روڪيو ويندو. ۽ يونين حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري ته هو واپڊا جي انجينئر کي اجازت ڏي ته هو بند پيل ٿرمل يونٽن کي چالو ڪري ۽ سستي بجلي جا ذريعا پيدا ڪن. احتجاجي ريلي کي نور محمد لاشاري، عبدالحڪيم منگي، عبدالحليم ، نظام الدين مگسي، عقيل جوڻيجو، ديدار حسين خاصخيلي، آفتاب احمد شجاع، نذر ميمن، محمد علي قريشي، لياقت علي قريشي، گهنشام داس، گلزار شيخ، گل شير شيخ، حفيظ ڀٽو، عقيل منگي، غلام دستگير ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button