هلال اهمر ٺٽو طرفان ٺٽي جي برسات سٽيل علائقن جي ماثرين لاءِ موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ جي پھرئين مرحلي ۾ ٽي ھزار کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) هلال اهمر ٺٽو طرفان ضلعي ٺٽي جي برسات سٽيل علائقن جي ماثرين لاءِ موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ شروعاتي مرحلي ۾ تعلقن ميرپوبٺورو، جاتي، ۽ تعلقي ٺٽي جي 3000 کان وڌيڪ مريض جي مفت چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن برسات بعد ڦهليل بيمارين تي ضابطو آڻي متاثر ۽ ڏورانهن علائقن جي غريب ماڻهن کي فيض ملي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هلال اهمر ٺٽو جي هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ ٺٽي تعلقي جي يوسي ڇتوچنڊ جي ڳوٺ امير بخش جاکرو ۾ قائم ڪيل طبي ڪيمپ جي دوران ڪيو، هن چيو ته اسان ترجيحي بنيادن تي متاثر ۽ غريب ماڻهن ۽ خاص طور تي ٻارڙن جي صحت تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته صحت هزار نعمت آهي انسان جي بنيادي مسئلو صحت آهي ، ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ضلعي جي سمورن برسات متاثر علائقن ۾ طبي ڪيمپ قائم ڪري متاثرن کي سهائتا کي يقيني بنايو ويندو.