هفتي ۾ 2 موڪلون ۽ مارڪيٽون سج لٿي بند ٿينديون ، ڪابينا پيپڪو کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد( م ڊ) حڪومت توانائي جي بحث ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه موڪلون ڪرڻ، شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ، سائين بورڊن جي بجلي رات جو بند ڪرڻ ۽ ڪمرشل مارڪيٽون سج لٿي جو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ 45 ڏينهن کان وڌيڪ بل جمع نه ڪرائيندڙ جي بجلي ڪٽڻ ۽ نئين ڪنيڪشن جي سيڪيورٽي ڊپازٽ ٻيڻو ڪرڻ سميت پيپڪو کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪالهه وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صرف ٽي ايجندا بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۽ ان بحران مان نڪرڻ جي حل بابت غور ڪيو ويو، اجلاس بعد ناڻي کاتي جي وفاقي وزير حفيظ شيخ سان گڏ پاڻي بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاور سيڪٽر جي اهميت کي ڏسي صرف هڪ ايجندا تي اجلاس ۾ بحث ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو، ملڪ ۾ هفتي اندر 5 ڏينهن ڪم ٿيندو ۽ 2 ڏينهن سرڪاري دفتر ۽ ٻيا اهم ادارا بند رهندا، ڪابينا هفتي ۾ 2 ڏينهن موڪل جي آيل تجويز اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ذريعن موجب ٻن ڏينهن جي موڪل واري فيصلي تي 15 آڪٽوبر کان عمل ٿيندو، نويد قمر ٻڌايو ته بئنڪن جي ڪجهه اهم شاخن کي هفتي ۾ هڪ موڪل هوندي، بئنڪن جو ڪجهه اهم برانچون هفتي ۾ ٻن ڏينهن واري موڪل کان آجيون هونديون، هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪمرشل ايريا جتي بجلي گهڻي استعمال ٿي اهي سج لهڻ سان بند ٿي ويندو، جڏهن ته اشتهارن وارا سائن بورڊ ۽ بل بورڊ کي رات جي ٽائيم بجلي فراهم نه ڪئي ويندي، شادي هال رات جو 10 وڳي بند ڪيا ويندا، ملڪ ۾ بجلي جي بچت لاءِ ميڊيا تي مهم هلائي ويندي، جڏهن ته هفتي ۾ صنعتي ادارن جي موڪل جو مختلف علائقن لاءِ الڳ الڳ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي نويد قمر وڌيڪ ٻڌايو ته 45 ڏينهن اندر بجلي جي باقيدار جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويندو، ڀلي اهو ملڪ جو صدر يا وزيراعظم ڇو نه هجي، اسٽريٽ لائيٽس جي بلبن کي انرجي سيور ۾ تبديل ڪيو ويندو، نويد قمر چيو ته پيپڪو جي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، چند ڏينهن ۾ پيپڪو پيپڪو نه رهندي هن چيو ته بجلي پيدا ڪندڙ ۽ ورهائيندڙ ڪمپني بورڊ قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پروفيشنل سي اي او مقرر ڪيا ويندا ۽ انهن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي پگهارون ۽ مراعتون ڏنيون وينديون، هن جيڪو به سرڪاري ادارو نمايان نه ڏسندو ڀلي اهو ڪيترو به اهم ڇو نه هجي ان جي بجلي ڪاٽا ڪئي ويندي، هن ٻڌايو ته بجلي جي نئين ڪنيڪشن يا ڪٽيل ڪنيڪشن ٻيهر هڻڻ لاءِ سيڪيورٽي ڊبل ڪئي وئي آهي، ان سان واپڊا ڪجهه بحران مان نڪرندو، هن ٻڌايو ته بلن، ڪنيڪشن ۽ مانيٽرنگ جو نظام هاڻي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪيو ويندو ، هن ٻڌايو ته ٽيرف پوري ملڪ ۾ هڪ جهڙو ڪرڻ لاءِ هاڻي نيپرا گڏيل فيصلو ڪندي جيڪو هڪ جهڙو هوندو، نه ته الڳ الڳ علائقن ۾ الڳ الڳ ٽيرف هجڻ ڪري حڪومت کي الڳ الڳ سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي، هن چيو ته بلوچستان ۾ اڌ ٽيوب ويلن تي ميٽر ناهن حڪومت انهن کي سبسڊي ڏئي رهي آهي انهن بابت فڪس اڪائونٽ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا گورنر بلوچستان ۽ وزيراعليٰ سان ملي معاملا طئه ڪندي، نويد قمر چيو ته موجوده حڪومت 3400 ميگا واٽ سسٽم ۾ داخل ڪئي وئي آهي ان موقعي تي خزاني واري وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ ٻڌايو ته بجلي کي گهرج ۾ اضافي سبب موجوده بحران آيو هن وقت بجلي جي 4500 ميگا واٽ جي کوٽ آهي هن چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ هن وقت تائين هڪ هزار ارب سبسڊي جي مد ۾ ڏنا ويا آهن هن چيو ته بجلي جون بقايائو 300 ارب تائين پهچي ويون آهن، جنهن ڪري بلن جي وصولي جي نظام کي بهتر بڻائڻو آهي، بجلي پيدا ڪندڙ ۽ ورهائيندڙ ڪمپنين کي پرائيويٽ سيڪٽر حوالي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.