هزارين ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن، واھر ڪئي وڃي: فشر فوڪ فورم
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ هزارين برسات متاثر حڪومتي امداد ۽ بنيادي سهوليتن کان محروم، فشرفوڪ جو ميڙاڪو کاڌ خوراڪ صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ، تازي پيل برسات سبب ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي رهواسين جو زندگي سان ڪاروهنوار ۽ ڪاروباري سرگرميون اڃان تائين بحال ٿي نه سگهيون آهن جڏهن ته سون جي تعداد ۾ ڪري پيل گهارن سبب وڏي تعداد ۾ مقامي رهواسي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، ان ڏس ۾ فشرفوڪ فورم ضلعي ٺٽي جو ميڙاڪو ضلعي صدر گلاب شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ سامونڊي پٽي جي تعلقي کاروڇاڻ ، ڪيٽي بندر، ميرپو ساڪرو ، گهوڙاٻاري ، شاهبندر ۽ جاتي جي مهاڻن شرڪت ڪئي، ميڙاڪي ۾ گلاب شاهه ، اميربخش جت، يعقوب اوٺو، نور محمد ٿيهمور ، غلام حسين ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته تازي پيل برسات سبب هن وقت به ڪيترائي ڳوٺ گندي پاڻي جي گهيري ۾ آهن ۽ هزارين ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن جن کي حڪومت سطح تي اڃان تائين امدادي سامان، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهوليتون به فراهم ناهن ڪيون ويون، هنن چيو ته وڏي پيماني تي برساتي پاڻي جي بيهڻ ڪري وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيو، جيڪڏهن جلد ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه اماڻيون ويون ته هزارين انساني زندگيون بيمارين جو شڪار بڻجي وينديون.