نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن: غلام شبير دايو
سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ، سليم اختر مغل، ذيشان بخاري، عبدالغفار راجپوت، احمد جتوئي، ۽ ٻين لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي گو زرداري گو جي ريليءَ جي ڪاميابيءَ تي مسلم ليگ ن جي قائدين ۽ ڪارڪنن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن ۽ هو بوکلائجي ويا آهن. هن چيو ته ڀٽو جي ڦاسيءَ تي خوشيون منائڻ وارا اڄ پ پ جا وفادار ٿي ڪري شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته حڪمرانن پنهنجي دور اقتدار ۾ مهانگائي، بيروزگاريءَ کانسواءِ عوام کي ڪجهه نه ڏنو آهي، ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ريلوي تباهه ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف نازيبا لفظ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ، هن ڪوٽڙي نوابشاهه ۾ مسلم ليگ جي آفيسن کي ساڙڻ ۽ نواز شريف جون تصويرون ساڙڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ان قسم جي واقعن ۾ ملوث عناصرن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.