نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيهر ڌرڻو، جنهن تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو: نواز شريف
اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيو ڀيرو ڌرڻو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي، نواز ليگي سربراهه چيو آهي ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو، ڪراچي جون حالتون صحيح ٿيڻ بجآءِ وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ريفرنس اماڻي، ڪالهه نواز ليگ پنجاب هائوس ۾ پارٽي اجلاس ڪرڻ نوا ليگ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ هائوس آڏو ٻيو ڀيرو ڌرڻو هنيو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻِي واري هنڌ نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف پهچي ويو، جنهن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن جو اهو حال رهيو ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ها ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو، 1999ع ۾ فوجي ڪارروائي نه ٿئي ها ته اڄ ملڪ جي تقدير بدليل هجي ها، اڄ جيتري ڪرپشن آهي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي، سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ جن جوابدارن لاءِ ريفرنس جي گهر ڪئي آهي انهن خلاف فوري يفرنس موڪليو وڃي، جيڪڏهن ريفرنس داخل نه ٿيو ته عوام روڊن تي ايندو، هن چيو ته موجوده حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي، جيڪي هڪ هڪ ڊالر پني وٺن ٿا ۽ هتي اربين ڊالر ضايع ڪن ٿا. هن چيو ته دوستن کي وڏن وڏن ادارن ۾ سربراهه ڪري رکيو ٿو وڃي ته هو پاڻ به ڪمائن ۽ انهن کي به ڏين، نواز شريف چيو ته زرداري صاحب ايئن ڪم نه هلندو ڪڏهن ايوان صدر مان نڪري عوام سان به ملو ته انهن جو ڇا حال آهي، هن چيو ته منفي سياست ختم ٿيڻ گهرجي ملڪ جو عوام ساٿ ڏئي ته خوشحالي جو هر دروازو کولينداسين، هن چيو ته ملڪ جي ادارن کان پڇيو وڃي ته 12 آڪٽوبر 99 تي انهن سان ڪهڙو حشر ٿيو، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جهڙُو ملڪ جو حشر ڪيو آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، بيروزگار آهي هزارين ماڻهن جي جانيون ضايع ٿين ٿيون، لوڊشيڊنگ جو عذاب آهي، مهانگائي وڌي وئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ٻيهر بدامني جي ور آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي جن جوابدارن جي نشاندهي ٿي آهي انهن خلاف ريفرنس موڪليو وڃي، حڪومت ريفرنس ڪڏهن داخل ڪندي، ميمبر ڏينهن ڳڻين نه ته عوام روڊن تي ايندو، هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 هزار جانيون ضايع ٿيون آهن اهي ڪنهن جا پٽ ۽ ڪنهن جا پيءُ هوندا، هن چيو ته 12 آڪٽوبر 1991 اهو ڏينهن هو جتي ڪا به لوڊشيڊنگ نه هئي، هن ڌرتي واري کان پڇو ته ڇا دهشتگردي هئي؟ ڇا خودڪش حملا هئا؟ ڇا غربت هئي؟ ڇا پاڪستان ۾ مهانگائي هئي هن چيو ته ان وقت گهڻي بجلي هئي اسان ڀارت کي بجلي وڪرو ڪرڻ تي غور ڪري رهيا هئاسين، هن چيو ته عوام ، ميڊيا ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر ساٿ ڏين ته ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏيندس.