ڪراچي

نعمت الله خان 60لک رپين جي ماليت جو سامان متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪيو

Nimatullahڪراچي: الخدمت فائونڊيشن طرفان مخير حضرات جي تعاون سان جمعي ڏينهن 60 لک روپين جي ماليت جو ڏهن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان اڄ برسات متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.امدادي سامان ۾ خشڪ اشن،دوائون،کنڊ،اٽو،گيهه،سڪوکير،چانهه،پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خيما پڻ شامل آهن .الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر نعمت الله خان پننجي نگراني ۾ سامان کي روانو ڪيو.ياد رهي ته هي سامان برسات متاثرضلعن ٽنڊو الهيار،ميرپور خاص،بدين،عمر ڪوٽ،ٽنڊو باگو۽ جهڏي موڪليو ويو آهي.جتي الخدمت ۽ جماعت اسلامي جا اڳواڻ اهو سامان ورهائيندا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button