نصرت ڀٽو کي سندس ور ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
سکر (رپورٽ: عمر سومرو)پنهنجي مڙس، ٻن جوان پٽن ۽ هڪ نياڻي جي شهادت جا گهاءَ سهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي شريڪ چيئرپرسن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي والدهه ،صدر آصف علي زرداري جي سس بيگم نصرت ڀٽو جو مڙهه سومر جي شام دبئي کان خصوصي جهاز جي ذريعي سکر ايئرپورٽ پهتو، سکر ايئرپورٽ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ بعد ۾ هيليڪاپٽر ذريعي دفنائڻ لاءِ سندس ميت کي ڳڙهي خدا بخش پهچايو ويو، جتي ان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، محترمه نصرت ڀٽو جي مڙهه سان گڏ ان جي ڌيءَ صنم ڀٽو، بلاول ڀٽو، آصفه ڀٽو، بختاور ڀٽو سکر ايئرپورٽ تي پهتا، جتي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، فردوس عاشق اعواڻ، قمرالزمان ڪائره ۽ ٻيا مرڪزي ۽ صوبائي قائدين پهرين ڏينهن موجود هئا، جڏهن ته دفنائڻ ۾ شرڪت لاءِ وفاقي وزير مخدوم امين فهيم، رحمان ملڪ، بابر اعواڻ، اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميده مرزا، فردوس عاشق اعوان، شيري رحمان ۽ وفاقي ۽ صوبائي وزير سڄي ملڪ کان پيپلز سان تعلق رکندڙ رهنما ۽ ڪارڪن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ موجود هئي. سکر ايئرپورٽ تي محترمه نصرت ڀٽو جي ميت کي نئون ديرو منتقل ڪرڻ لاءِ ست هيليڪاپٽرن تي مشتمل قافلو موجود هو، قافلي ۾ صدر آصف علي زرداري، صنم ڀٽو، بلاول ڀٽو، آصفه ڀٽو، بختاور ڀٽو، وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزير داخله رحمان ملڪ، وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاه ۽ بيا نئين ديري لاءِ روانا ٿي ويا، ان موقعي تي سکر ايئرپورٽ تي سيڪيورٽيءَ جا سخت ترين انتظاميا ڪيا ويا هئا، ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ تمام رستن تي رينجرز، پوليس ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هيو، جڏهن ته سکر ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪري علائقي کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو هو. حڪومت پاڪستان پاران محترمه نصرت ڀٽو لاءِ هلال امتياز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق حڪومت پاڪستان محترمه نصرت ڀٽو کي ”مادر جمهوريت“ جو خطاب ديڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت پاران دفنائڻ جي موقع تي پوليس پاران سلامي پيش ڪئي وئي. هواڏنهن سڄي ملڪ وانگر سکر ۽ ڀرپاسي ۾ به بيگم نصرت بٽو جي وفات جي سوڳ ۾ ڪيترائي ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ڪارڪن سميت عام ماڻهن ۾ به ڏک جي لهر موجود رهي.