ٺٽو

مھا ٻوڏ جي ھڪ سال گذرڻ کان پوءِ سماجي ادارا جاڳي پيا

Floodٺٽو(سجاد علي ميمڻ) گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين کي سال کان مٿي عرصو گذرڻ کان پوءِ حڪومتي ادارن جيان سماجي ادارا به هاڻي نيٺ جاڳي پيا آهن ۽ سال گذرڻ کان پوءِ کين متاثر ٿيل ٻوڏ سٽيل ماڻهن جون مصيبتون ياد اچي ويون آهن ۽ انهن مختلف ادارن مختلف اسڪيمون کڻي ميدان تي نڪري پيا آهن جنهن تحت هڪ سماجي اداري سجاول جي ٻوڏ متاثر ٽن يوسيز ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مختلف ترقياتي اسڪيمون شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪندي غريب ۽ متاثر ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ عالمي اداري يو اين ڊي پي جي سهڪار سان هڪ سماجي اداري پاران مڪلي جي دربار هال مڪلي ۾ (تعمير پراجيڪٽ ) جي نالي سان شروع ٿيندڙ منصوبي جي تعارفي تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ يو اين ڊي پي جي فيلڊ آفيسر جيري نمو ۽ سماجي اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفار بلو ،ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي سميت مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ تعمير پراجيڪٽ جي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين سبب سخت متاثر ٿيل سجاول تعلقي جي ٽن يوسيز يوسي ٻيلو، ٻجورا ۽ يوسي ڄار ۾ روڊ رستن ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، متبادل روزگار جا جوڳا بندوبست ڪرائڻ ۽ ٻين اسڪيمن تي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڪم شروع ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت 86 ڳوٺاڻي تنظيمون ٺاهي هزارين ماڻهن کي سفري سهوليتون ڏيارڻ خاطر ڪچا ۽ پڪا روڊ ۽ پليون تعمير ڪرايون وينديون 9 سئو کان مٿي ماڻهن کي متبادل طور روزگارجا نوان وسيلا ڳولي ڏيڻ ڳوٺاڻن علائقن ۾ هئنڊ پمپز جي فراهمي سميت مختلف ننڍيون اسڪيمون هن منصوبي ۾ شامل آهن ان موقعي تي يو اين ڊي پي جي فيلڊ آفيسر جيري نمو ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن سڄي دنيا جيان پاڪستان جي سنڌ واري هن لاڙ واري خطي ۾ عوام کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ حڪومتن ۽ عالمي ادارن کي ڊگهي مدت وارن منصوبن جوڙڻ تي غور ڪرڻو پوندو جڏهن ته عبدالغفار بلو چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ سماجي ادارن سميت باشعورطبقي جي ماڻهن کي اڳيان وڌي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن مصيبت ۾ وطن متاثر ٿيل ماڻهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي سگهن ان موقعي تي راحيلا رحيم، سراج النساءُ عيساڻي، اعجاز ميمڻ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button