موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام سان ٿيل ڪمٽمينٽ کي پوري ڪندي صوبي جي شهرن جي معاشي توڙي سماجي حالت بهتر ڪري رهي: وڏو وزير
خيرپور : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام سان ٿيل ڪمٽمينٽ کي پوري ڪندي صوبي جي شهرن جي معاشي توڙي سماجي حالت بهتر ڪري رهي آهي. هن چيو ته سانوڻي جي برسات ۾ 457 ارب جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته گذريل سال ٻوڏ ۾ 444 ارب روپين جو نقصان ٿيو هو. وڏو وزير اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ نارٿ سنڌاربن سروسزڪارپوريشن (نساسڪ)پاران گند ڪِچري کڻڻ جي حوالي سان جديد سرشتي جو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعلى چيو ته موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا آهن جڏهن ته عوام جي معاشي ۽ سماجي حالت بهتر بڻائي کين هر ممڪن سهولتون ڏنيون پيون وڃن. وڏي وزير چيو ته هاڻوڪي سانوڻي واري برسات ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿياآهن جن جي کاڌي پيتي، رهائش ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ سنڌ حڪومت توڙي عالمي ادارا وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته شهرن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ صفائي سُٿرائي، ڊرينيج، صاف پاڻي جي فراهمي جو نظام سنڌ سٽيز امپرومينٽ پروگرام تحت نساسڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان قرض ورتو ويو آهي جنهن تحت سنڌ صوبي کي چوٿون حصو ڀرڻو پوندو جيڪو حقيقت ۾ ڏسجي ته ايشين ڊولپمينٽ پاران قرض نه پر امداد آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت هميشه تعميري تنقيد جي آجيان ڪئي آهي جڏهن ته تنقيد جو جواب موجوده حڪومت پنهنجي عملن سان ڏيندي جنهن جو انصاف عوام ڪندو. پر ڪجهه ماڻهو تخريبي تنقيد ڪري موجوده حڪومت جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن. تقريب کان اڳ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ۾ نارٿ سنڌاربن سروسزڪارپوريشن (نساسڪ)پاران گند ڪِچري کڻڻ جي حوالي سان جديد سرشتي جو افتتاح ڪندي سنڌ سٽيز امپرومينٽ پروگرام تحت 4 ڪروڙ روپين جي ماليت جون 6 عدد شهر جي گند ڪچري کي کڻڻ واريون ٽرڪون، هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ 65 عدد ڪنٽينر نساسڪ حوالي ڪرڻ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي نساسڪ جي ايڊوائيزر فيبين ڪوڪس ، ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ، نساسڪ جو ڊائريڪٽر آپريشن سروسز سيد عابد حُسيني، پيپلز پارٽي تعلقه خيرپور جي صدر محمد صالح انصاري، انجمنِ تاجران جي قطب الدين شيخ ۽ خيرپور شهر جو اڳوڻو سٽي ايڊمنسٽريٽر سيد عابد علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ وڏي انگ ۾ شهرين، پارٽي ورڪرن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي سي او هائوس تي برسات متاثر جي بحالي واري ڪم جي ڊي سي او محمد عباس بلوچ کان تفصيلي بريفنگ ورتي ان موقعي تي ضلعي جي مختلف کاتن جا عملدار موجوده هئا.