سکر

موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن: چوڌري اعتزاز احسن

chaudhry aitzaz ahsan3سکر ( رپورٽ :عمر سومرو) ناليواري قانوندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته موجوده حڪومت خلاف اگر ڪنهن کي تحريڪ يا لانگ مارچ هلائڻ جو شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺن اسان کي يا اسان جي حڪومت کي لانگ مارچ يا تحريڪ مان ڪو ئي به نقصان نه ٿيندو.پاڪستان مسلم ليگ ن سميت تمام سياسي پارٽين جي آزاد سياست ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. مگر اسان مفاهمت جو دامن پڪڙي رکيو آهي، اهڙو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ۽ شاه محمود قر يشي بهادر پ پ اڳواڻ آهن هنن جي اختلاف رحمان ملڪ يا جهانگير بدر سان ٿي سگهن ٿا مگر هو پارٽيءَ جو حصو آهن ۽ مان به پارٽيءَ ۾ آهيان ۽ ملتان وڃي ڪري شاه محمود قريشي به حصو آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات ڀٽو خاندان سميت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي ۽ ان جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، محترمه بيگم نصرت ڀٽو آزادي جمهوريت لاءِ ظلم ۽ جبر جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ۽ ان جي جدوجهد جي ڪري جمهوريت جي آزاديءَ کي فروغ حاصل ٿيو آهي، هن آمريت جي دور ۾ به جمهوريت جي آزاديءَ لاءِ هر ظلم جو مقابلو ڪيو، هوءَ هڪ بهادر ليڊر سان گڏوگڏ هڪ محبت ڪرڻ واري شفيع عورت به هئي، پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ ڀٽو خاندان جي قربانين کي هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button