مسلم ليگ ن لانگ مارچ ڪري ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1990 وارو واقعو دهرائي رهي آهي: خورشيد شاھ
سکر (رپورٽ ؛عمر سومرو)وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن لانگ مارچ ڪري ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1990 وارو واقعو دهرائي رهي آهي، هن ماضيءَ مان ڪو به سبق نه سکيو آهي ۽ پنهنجو لانگ مارچ ڪري شوق پورو ڪري وٺي، ججن جي بحالي ان جي لانگ مارچ سان نه پيپلز پارٽيءَ جو ڪارنامو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي رويي جي ڪري ملڪ ۾ 10 سالن تائين مارشل لا نافذ رهيو ۽ انهن جي لانگ مارچ سان اسان تي ڪو به فرق نه پيو آهي، هن چيو ته پنجاب وفاق کي فوج ڪشي جي تياري ڪري رهيو آهي، اگر ان سان انهن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو الٽو انهن جي پنهنجي ساک متاثر ٿيندي. هن چيو ته ذوالفقار مرزا کي ايم ڪيو ايم جي حوالي سان تحفظات ان کي پنهنجا آهن ۽ ان جو پنهنجو نقطاءِ نظر آهي ۽ ان جو جمهوري حق آهي اسان ان کان اهو جمهوري حق نٿا کسي سگهون. هن چيو ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداوار جا منصوبا هلي رهيا آهن ۽ اهي 2018 ع ۾ مڪمل ٿيندا جنهن کانپوءِ عوام کي 3 1 روپيه نه پر 5 روپئي في يونٽ بجلي ملندي هن چيو ته موجوده حڪومت هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ريگولر ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ هفتي جي اندر نادرا ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي جلد مستقل ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ رهي آهي ته انهن هميشه ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي، ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪيو آهي، اگر نواز شريف دور جو ڪو به ملازم بحال ٿيڻ کان رهجي ويو آهي ته ان کي به بحال ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان فيصلو عوام تي ڇڏي ڏنو آهي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن کي نٿا منتخب ڪن، مسلم ليگ به ان فارمولي تي عمل ڪري. هن چيو ته اسان مري ڪري به پاڪستان نه ڇڏيو، ڊڄن اهي جيڪي هڪ جهٽڪي ۾ ملڪ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، هن چيو ته پرويز الاهي ويندڙ وقت پنجاب جي خزاني ۾ 8 ارب روپيا ڇڏيا هئا مگر هنن پنجاب کي هڪ سئو 70 ارب روپين جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي.