سکر

مسلم ليگ ن عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪندي سرڪاري وسيلن کي غير قانوني طور تي استعمال ۾ آندو: پي پي اڳواڻ

Sukkurسکر (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي تعلقه روهڙي جي اڳواڻ ذيشان ڀٽو چيو آهي ته مسلم ليگ ن عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪندي سرڪاري وسيلن کي غير قانوني طور تي استعمال ۾ آڻي ريلين وسيلي جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪاميابي نه ماڻيندي، پيپلز پارٽي جي حڪومت کي مسلم ليگ ن مان ڪو به خطرو نه آهي ڀلي شوق پورو ڪري وٺن. هن چيو ته مسلم ليگ ن عوامي راءِ جو احترام ڪرڻ بدران ڪامورا شاهي وسيلي ڏنڊي جي حڪمراني تي يقين رکي ٿي. مسلم ليگ ن جو مقصد رڳو ريليون ڪڍي آمريت جي راهه هموار ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ جو انهن جي پرورش آمريت جي هنج ۾ ٿي آهي، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي دور حڪومت ۾ قرض اتارو ملڪ سنوارو ۽ پيلي ٽيڪسين ۾ کربين روپين جي خرد برد ڪئي وئي ۽ پنجاب ۾ سستي روٽي جي نالي تي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي مسلم ليگ ن پاران پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪيل ڪرپشن جو احتساب ڪيو وڃي ان کان پوءِ موجوده حڪومت تي تنقيد ڪئي وڃي، هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي جنهن جي قائدين ڪنهن آمر آڏو ڪنڌ جهڪائڻ بدران هميشه شهادت قبولي آهي، موجوده حڪومت ملڪ جي عوام جا مسئلا تيزي سان حل ڪري رهي آهي ۽ ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت ماڻيندي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي ملڪ جو عوام فرار ٿيندڙن کي سڃاڻي چڪو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button